ايم ڪيو ايم جي سينيئر اڳواڻ طارق جاويد جي سس جي وفات تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان تعزيت جو اظهار
لنڊن: 9 ڊسمبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم جي سينيئر اڳواڻ طارق جاويد جي سس جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ جناب الطاف حسين مرحومه جي سمورن سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته مون سميت ايم ڪيو ايم جا سمورا ڪارڪن اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. جناب الطاف حسين دعا فرمائي ته الله تعالٰي مرحومه کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين.