Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

تبت سينٽر تي ملٽري پوليس جي جوانن تي هٿياربند دهشت گردن جي فائرنگ سان ٻن اهلڪارن جي شهادت جو واقعو قابل مذمت آهي.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.


 Posted on: 12/1/2015
تبت سينٽر تي ملٽري پوليس جي جوانن تي هٿياربند دهشت گردن جي فائرنگ سان ٻن اهلڪارن جي شهادت جو واقعو قابل مذمت آهي.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
ڪراچي: پهرين ڊسمبر 2015 
                 متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ڪراچي ۾ تبت سينٽر تي ملٽري پوليس جي جوانن تي هٿيار بند دهشت گردن جي فائرنگ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ دهشت گردي جي ان واقعي ۾ ٻن اهلڪارن جي شهادت ۽ هڪ اهلڪار جي زخمي ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته دهشت گردن ڪجھھ ڏينهن اڳ به اتحاد ٽائون ۾ رينجر جي چئن اهلڪارن کي  شهيد ڪيو هو ۽ اڄ ملٽري پوليس تي فائرنگ ڪري ٻن جوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو آهي. جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. رابطا ڪميٽي آرمي چيف جنرل راحيل شريف، ڪورڪمانڊر ڪراچي جنرل نويد مختيار ۽ ڊي جي رينجر بلال اڪبر ۽ سموري فوجي قيادت سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ۽ دعا ڪئي ته الله تعالٰي شهيد ٿيندڙ اهلڪارن کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ سوگوار پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين. 


7/18/2024 6:37:46 AM