Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

19 نومبر تي ٿيندڙ مڪاني اليڪشن ۾ حق پرست اميدوارن جي ڪاميابي سازشي عناصر جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿيندي.شبير احمد قائم خاني.


19 نومبر تي ٿيندڙ مڪاني اليڪشن ۾ حق پرست اميدوارن جي ڪاميابي سازشي عناصر جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿيندي.شبير احمد قائم خاني.
 Posted on: 11/12/2015
19 نومبر تي ٿيندڙ مڪاني اليڪشن ۾ حق پرست اميدوارن جي ڪاميابي سازشي عناصر جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿيندي.شبير احمد قائم خاني.
حق پرست نمائندا ئي عوام جي ووٽن جا صحيح حقدار آهن. ريحانه نسرين.
حيدرآباد ۾ مڪاني اليڪشن جي سلسلي ۾ ڪارنر ميٽنگ کي خطاب.
حيدرآباد: 12 نومبر 2015 
                  حيدرآباد جي حق پرست عوام قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي نظريي جي حقيقت پسندي ۽ عمليت پسندي کي حقيقت ۾ تسليم ڪيو آهي. انهن خيالن جو اظهار رابطا ڪميٽي ميمبر شبير احمد قائم خاني حيدرآباد جي علائقي تلڪ چاڙهي ۾ هڪ ڪارنر ميٽنگ کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر ريحانه نسرين، سنڌ تنظيمي ڪميٽي جا ميمبر ظفر راجپوت، زاهده بيگم، ڊاڪٽر فوزيه، اسيمبلي ميمبر دلاور قريشي، حيدرآباد زونل انچارج نويد شمسي ۽ ٻيا به موجود هئا. شبير احمد قائم خاني چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي فڪر و فلسفي ۽ نظريي سياستدانن کي تبديلي جي ڳالھھ ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي.ان کان اڳ گهڻائي ليڊر قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي ڳالهين کي مذاق جي طور تي وٺندا هئا. انهن چيو ته  سازشي عناصر ماضي ۾ به سازشون ڪيون جن کي حق پرست عوام پنهنجي اتحاد سان ناڪام بڻائي ڇڏيو ۽ انشاء الله تعالٰي 19 نومبر تي ٿيندڙ مڪاني اليڪشن ۾ به انهن سازشن کي ناڪام بڻائي ڇڏيندا . انهن چيو ته اليڪشن کان اڳ ئي ايتري وڏي تعداد ۾ حق پرست نمائندن جو ڪامياب ٿيڻ حيدرآباد جي عوام جو قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان بي پناھ محبت جو اظهار آهي. ان موقعي تي خطاب ڪندي رابطا ڪميٽي ميمبر ريحانه نسرين چيو ته حق پرست نمائندا ئي عوام جي ووٽن جا صحيح حقدار آهن ۽ ماضي ۽ حال ٻئي عوام جي سامهون آهن. ان کان علاوه انهن گهر گهر وڃي ڪري حق پرست اميدوارن جي منشور تي ٻڌل هينڊ بل به تقسيم ڪيا. ڪارنر ميٽنگ کي ظفر راجپوت، حيدرآباد زونل انچارج نويد شمسي ۽ دلاور قريشي به خطاب ڪيو.

6/30/2024 3:18:01 PM