Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪي ڪي ايف جي طرفان زلزلي متاثرن جي لاءِ ڪروڙين روپين جي امدادي سامان جا 5 ڪنٽينر روانا ڪيا ويا


ڪي ڪي ايف جي طرفان زلزلي متاثرن جي لاءِ ڪروڙين روپين جي امدادي سامان جا 5 ڪنٽينر روانا ڪيا ويا
 Posted on: 11/1/2015
ڪي ڪي ايف جي طرفان زلزلي متاثرن جي لاءِ ڪروڙين روپين جي امدادي سامان جا 5 ڪنٽينر روانا ڪيا ويا
ڪي ڪي ايف جي ٽرسٽي ارشد وهره جي رابطا ڪميٽي سان گڏجي پريس بريفنگ
ڪراچي: پهرين نومبر 2015
ڪي ڪي ايف جي طرفان پنجن ڪنٽينرن تي ٻڌل امدادي سامان جي  پهرين کيپ پشاور جلوزئي PDMA  جي ڪيمپ روانا ڪئي وئي. امدادي سامان ۾ اٽو،  چانور، گيھھ، تيل، سکل کير، چانهن جي پتي، صابڻ، داليون، ڪمبل، گدا، پاڻي جا ڪولر، منرل واٽر جون بوتلون، دوائون ۽ ٻيون شيون شامل آهن. ان موقعي تي ميڊيا کي پريس بريفنگ ڏيندي ڪي ڪي ايف جي ٽرسٽي ارشد وهره چيو ته ڪي ڪي ايف جي طرفان زلزلي متاثرن جي لاءِ امدادي سامان جي پهرين کيپ 5 ڪنٽينرن تي ٻڌل پشاور جلوزئي PDMA  جي امدادي ڪميپ ڏانهن روانا ڪئي پئي وڃي. جنهن ۾ 5 ڪروڙن جو امدادي سامان آهي. انهن چيو ته تقريبن 5 ڪروڙن جو ئي سامان ڪراچي ۽ سڄي ملڪ جي امدادي ڪيمپن تي موجود آهي. جيڪو روزانو جي بنياد تي روانو ڪيو ويندو . انهن چيو  ته ڪي ڪي ايف گذريل زلزلي ۾ به 3 ارب کان وڌيڪ جي امداد پنهنجن زلزلي متاثره ڀائرن کي پهچائي هئي ۽ هن ڀيري به پنهنجن زلزلي متاثره ڀائرن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين.انهن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ضرورت پئي ته هن ڀيري به ڪي ڪي ايف جا رضاڪار زلزلي متاثره علائقن ۾ پاڻ پهچي ڪري پنهنجيون خدمتون پيش ڪندا. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي جو ڊپٽي ڪنوينر ڪهف الورٰي، رابطا ڪميٽي ميمبر عارف خان، محترمه نسرين جليل ۽ خواجه سهيل منصور به موجود هئا. 


7/18/2024 6:23:34 AM