اي اين پي جي اڳواڻ افضل خان لاله جي وفات تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
لنڊن: پهرين نومبر 2015
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين اي اين پي جي اڳواڻ افضل خان لاله جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته افضل خان لاله هڪ فقير صفت، درويش ۽ بهادر انسان هئا. انهن پنهنجي پوري زندگي مذهبي انتها پسندن ۽ اسلام جو نالو وٺي ڪري بم ڌماڪا ڪرڻ وارن جي خلاف آواز بلند ڪندي گذاري ۽ آخري وقت تائين دهشت گردي جي خلاف هڪ جبل وانگر ڄمي ڪري بيٺل رهيا. انهن فرمايو ته افضل خان لاله جي موت جمهوريت پسند، لبرل ۽ روشن خيال طبقي جي لاءِ هڪ وڏو نقصان آهي ۽ انهن جو خلا ڀرڻ مشڪل آهي. جناب الطاف حسين دعا فرمائي ته الله تعالٰي افضل خان لاله جي مغفرت فرمائي، انهن کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ انهن جي سمورن سوگوار پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين.
*****