ڪراچي ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي طرفان بجلي جي ڊگهي غير اعلانيه لوڊشيڊنگ ۽ اوور بلنگ تي سنڌ اسيمبلي جي سابق حق پرست ميمبرن جي طرفان مذمت جو اظهار.
ڪراچي: 21 آگسٽ 2015
سنڌ اسيمبلي جي سابق حق پرست ميمبرن ڪراچي ڪي اليڪٽرڪ جي طرفان بجلي جي ڊگهي غير اعلانيه لوڊشيڊنگ ۽ اووربلنگ جي سخت تترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ جي ذريعي شهرين کي پريشان ۽ مسئلن ۾ مبتلا ڪرڻ سان گڏو گڏ هاڻي اووربلنگ جو هٿڪنڊو به استعمال ڪري شهرين کي لٽڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. پنهنجي هڪ گڏيل بيان ۾ انهن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ شهرين کي بجلي جي لڳاتار ترسيل ۾ بري طرح سان ناڪام ٿي چڪي آهي ۽ ناڪامين جو ازالو ڪرڻ ۽ بجلي جي صارفين کي سهولتون فراهم ڪرڻ جي بجاءِ ڪي اليڪٽرڪ ماضي جي روش اختيار ڪئي آهي جنهن سان شهري پريشان آهن ۽ انهن جي زندگي جا معمولات به بري طرح سان متاثر ٿي رهيا آهن. انهن وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته اهي ڪي اليڪٽرڪ جي طرفان غير اعلانيه لوڊشيڊنگ ۽ اووربلنگ جو نوٽس وٺن.
*****