Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

رينجر جي هٿان ايم ڪيو ايم نارٿ ناظم آباد جي سيڪٽر انچارج عمران رفيق ، ٻين ذميوارن ۽ ڪارڪنن جي گرفتاري تي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.


رينجر جي هٿان ايم ڪيو ايم نارٿ ناظم آباد جي سيڪٽر انچارج عمران رفيق ، ٻين ذميوارن ۽ ڪارڪنن جي گرفتاري تي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
 Posted on: 6/26/2015
رينجر جي هٿان ايم ڪيو ايم نارٿ ناظم آباد جي سيڪٽر انچارج عمران رفيق ، ٻين ذميوارن ۽ ڪارڪنن جي گرفتاري تي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
ڪراچي؛ 26 جون 2015 
              متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي رينجر جي هٿان ايم ڪيو ايم نارٿ ناظم آباد جي سيڪٽر انچارج عمران رفيق، ايم ڪيو ايم جي ٻين ذميوارن ۽ ڪارڪنن جي گرفتارين جي سخت مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته رينجر گذريل ڏينهن سخي حسن جي علائقي کان نارٿ ناظم آباد جي سيڪٽر انچارج عمران رفيق کي انهن جي گهر کان گرفتار ڪري ورتو جڏهن ته انهن جي خلاف ڪوئي به مقدمو درج نه آهي. اهڙي طرح اڄ رينجر سنڌ سيڪريٽريٽ جي ويجهو ايم ڪيو ايم برنس روڊ جي سيڪٽر ميمبر محمد فيصل کي به گرفتار ڪري ورتو. رابطا ڪميٽي چيو ته گذريل ڏينهن قصبه علي ڳڙھ سيڪٽر يونٽ 131 جي ڪارڪن نفيس احمد کي به سي آئي ڊي پوليس گرفتار ڪري ورتو هو، جڏهن ته عوامي رابطا مهم جي دوران رنڇوڙ لائين سيڪٽر يونٽ يوسي 3 اي جي ڪارڪنن راحيل ۽ مسلم کي به گرفتار ڪيو ويو آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته انهن مان ڪنهن کي به عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ طالبان ۽ ٻين پابندي وڌل تنظيمن جا دهشت گرد آزادانه طور تي ڪاروائيون ڪري رهيا آهن پر انهن کي روڪڻ وارو ڪوئي به نه آهي ، پر ايم ڪيو ايم جي ته سياسي سرگرمين تي به پابندي عائد ڪئي وئي آهي ۽ ڪرمنلائيزيشن پاليسي جي تحت ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي خطرناڪ ڏوهاري ۽ دهشت گرد بڻائي ڪري پيش ڪيو پيو وڃي. رابطا ڪميٽي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ڇاپن ۽ گرفتارين جو اهو سلسلو بند ڪرايو وڃي ۽ سيڪٽر انچارج عمران رفيق ۽ ٻين گرفتار ٿيل ڪارڪنن کي فوري طور تي رها ڪرايو وڃي. رابطا ڪميٽي انساني حقن جي تنظيمن کي به اپيل ڪئي ته اهي به ڪراچي ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين جو نوٽس وٺن ۽ ان جي خلاف آواز بلند ڪن.

7/17/2024 11:18:01 AM