اين اي 246 جي سيٽ تي ڪامياب ٿيندڙ ايم ڪيو ايم جي اميدوار ڪنور نويد جميل حلف کڻي ورتو.
اسلام آباد؛ پهرين مئي 2015
اين اي 246 جي سيٽ تي ڪامياب ٿيندڙ ايم ڪيو ايم جي اميدوار ڪنور نويد جميل کڻي ورتو. حلف کڻڻ کان پوءِ انهن ميڊيا سان ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته ڪراچي ملڪ جي معيشت ۾ 70 سيڪڙو روينيو ادا ڪري ٿو ۽ ملڪ جي لاءِ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي. پر چين جي طرفان ڪئي ويندڙ 46 ارب ڊالرن جي سرمايه ڪاري ۾ ڪراچي کي هميشه وانگر هڪ ڀيرو ٻيهر نظر انداز ڪري تعصب جو مظاهرو ڪيو ويو آهي.