Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سعودي عرب ۽ يمن جي جنگ کي مسلمانن جي لاءِ وڏي خوفناڪ تصور ڪريان ٿو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


سعودي عرب ۽ يمن جي جنگ کي مسلمانن جي لاءِ وڏي خوفناڪ تصور ڪريان ٿو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 4/6/2015 1
سعودي عرب ۽ يمن جي جنگ کي مسلمانن جي لاءِ وڏي خوفناڪ تصور ڪريان ٿو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
يمن ۽ سعودي عرب جي جنگ ۾ ڪجھ ماڻهو مذهب کي وچ ۾ وجهي ڪري انهن ٻنهي ملڪن جي تڪرار جي اصل رخ کي موڙڻ چاهين ٿا.
ڪعبت الله شريف تمام اسلامي ملڪن جو واحد محور ۽ مرڪز آهي.
يمن ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ جنگ جي صورتحال تي جناب الطاف حسين جو هڪ ٽي وي چينل کي انٽرويو.
ڪراچي؛ 6 اپريل 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته يمن ۽ سعودي عرب جي جنگ ۾ ڪجھ ماڻهو مذهب کي وچ ۾ وجهي ڪري انهن ٻنهي ملڪن جي تڪرار  جي اصل رخ کي موڙڻ چاهين ٿا. انهن فرمايو ته سعودي عرب ۽ يمن جي جنگ کي مان خصوصن مسلمانن جي لاءِ وڏي خوفناڪ ۽ هولناڪ تصور ڪريان ٿو. انهن فرمايو ته جيڪڏهن پاڪستان جي عسڪري ادارن يمن ۽ سعودي عرب جي جنگ ۾ پنهنجي پاڻ کي ملوث ڪيو ته ان صوورتحال کي پاڪستان جي مفاد ۾ هرگز به قرار ڏيئي نه ٿو سگهجي ۽ ان جنگ ۾ ملوث هجڻ سان يمن ۽ سعودي عرب ته قائم رهندا پر خدانخواسته پاڪستان کي نقصان پهچي سگهي ٿو. انهن فرمايو ته جميعت علماء اسلام جي سربراھ مولانا فضل الرحمٰن سان به منهنجي انهي اشو تي ڳالھ ٿي آهي ۽ انهن جو به اهو ئي چوڻ آهي ته پاڪستان کي ان جنگ ۾ 
مصالحت ڪار جو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.انهن خيالن جو اظهار انهن هڪ پرائيويٽ ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي ڪيو. سعودي عرب ۽ يمن جي جنگ جي حوالي سان ايم ڪيو ايم جو موقف بيان ڪندي جناب الطاف حسين فرمايو ته مان ان جنگ ۾ ٻنهي ملڪن جي تباهي ۽ بربادي ڏسي رهيو آهيان، جنگ ۾ ڪائي به ڌر حاوي ٿئي يا زير ٿئي، ٻنهي صورتن ۾ ٻنهي ملڪن جون فوجون، انهن جي معيشت ۽ انهن ملڪن جي عوام جو نقصان ٿئي ٿو، ان جي ڪري سعودي عرب ۽ يمن جي جنگ کي مان صرف انهن ٻنهي ملڪن جي لاءِ ئي نه بلڪه دنيا جي لاءِ به سٺو نه ٿو سمجهان، خصوصن مسلمانن يا مسلمان ملڪن جي لاءِ ان جنگ کي وڏي خوفناڪ ۽ هولناڪ تصور ڪريان ٿو. جناب الطاف حسين فرمايو ته ڪجھ ماڻهو يمن ۽ سعودي عرب جي جنگ ۾ مذهب کي وچ ۾ وجهي ڪري ان تڪرار جي رخ کي موڙڻ چاهين ٿا. هڪ سوال جي جواب ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته جيڪڏهن يمن ۽ سعودي عرب جي جنگ ۾ پاڪستان جي عسڪري ادارن يمن ۽ سعودي عرب جي جنگ ۾ پاڻ کي ملوث ڪيو ته يمن ۽ سعودي عرب ته قائم رهندا پر پاڪستان کي خدانخواسته نقصان پهچي سگهي ٿو. ان حوالي سان اڄ منهنجي مولانا فضل الرحمٰن سان به ڳالھ ٻولھ ٿي. انهن جو به اهو ئي چوڻ هو ته پاڪستان کي ان جنگ ۾ مصالحت ڪار جو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ انهن فرمايو ته تحريڪ انصاف جي ميمبرن ست مهينا اڳ اسٽعيفٰي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر وٽ پاڻ جمع ڪرايا هئا. آئين جي آرٽيڪل 1 _64 جي تحت ڪوئي به ميمبر جيڪڏهن پنهنجي صحيح سان پنهنجو اسٽعيفٰي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر يا سيڪريٽري وٽ جمع ڪرائي ته آئين جي تحت ان ميمبر جي سيٽ خالي ٿي وڃي ٿي.آئين جي آرٽيڪل 2 _64 جي تحت جيڪڏهن ڪوئي اسيمبلي ميمبر بغير ڪنهن عذر ۽ تحريري سبب ٻڌائڻ کان سواءِ 40 ڏينهن تائين اجلاس کان غائب رهي ته ان جي رڪنيت به ختم ٿي وڃي ٿي. جناب الطاف حسين فرمايو ته اڄ جي گڏيل اجلاس ۾ وزير اعظم ۽ وفاقي حڪومت قومي اسيمبلي کي طلاق ڏيڻ وارن ميمبرن کي  ايوان ۾ ويهاري ڪري اجلاس ڪيو ۽ انهن کي پارليامينٽ ۾ ويهڻ جي اجازت ڏيئي ڪري آئين ۽ قانون جي خلاف ورزي ڪئي آهي ۽ پاڪستان سان سنگين مذاق ڪيو ويو آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته وقت جو تقاضا آهي ته نفرت ۽ عصبيت کي هڪ پاسي رکي ڪري پاڪستان جي بقا ۽ سلامتي کي اوليت ڏني وڃي. انهن دعا ڪئي ته الله تعالٰي اسان سڀني کي سوچڻ سمجهڻ ۽ صحيح فيصلو ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.آمين.

7/17/2024 6:07:43 PM