ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام 26 مارچ بروز خميس تي منجهند 2 وڳي فواره چوڪ تي ايم ڪيو ايم جي ميڊيا ٽرائل جي خلاف زبردست پرامن احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو.
ڪراچي؛ 25 مارچ 2015
متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام 26 مارچ بروز خميس تي منجهند 2 وڳي فوراه چوڪ تي ايم ڪيو ايم جي ميڊيا ٽرائل جي خلاف زبردست پرامن احتجاجي مظاهرو ٿيندو. مظاهري ۾ ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي، سينيٽر، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا ميمبر ۽ ذميوارن کان علاوه ڪارڪن ۽ زندگي جي هر شعبي سان تعلق رکڻ وارا ماڻهو شرڪت ڪندا. ان کان علاوه رابطا ڪميٽي حق پرست عوام کي اپيل ڪئي آهي ته اهي ان مظاهري ۾ وڌ کان وڌ تعداد ۾ شرڪت ڪن.