Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم ۾ جمهوري اصولن جي تحت اليڪشن جي ذريعي ذميوارن جو تعين ڪيو وڃي ٿو.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


ايم ڪيو ايم ۾ جمهوري اصولن جي تحت اليڪشن جي ذريعي ذميوارن جو تعين ڪيو وڃي ٿو.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 3/24/2015
ايم ڪيو ايم ۾ جمهوري اصولن جي تحت اليڪشن جي ذريعي ذميوارن جو تعين ڪيو وڃي ٿو.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
ڳجهي ووٽنگ جي ذريعي سينٽرل آرگنائيزر ڪائونسل جي مرڪزي آرگنائيزر ۽ مرڪزي ذميوارن جو تعين ڪيو وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي هدايت.
نائن زيرو تي ايم ڪيو ايم جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪائونسل جي ميمبرن جي پهرين باقائده اجلاس کي ٽيليفونڪ خطاب.
لنڊن؛ 24 مارچ 2015 
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ايم ڪيو ايم هڪ لبرل، روشن خيال ۽ جمهوريت پسند جماعت آهي. جنهن ۾ جمهوري اصولن جي تحت ٿيندڙ اليڪشن جي ذريعي ذميوارن جو تعين ڪيو وڃي ٿو. سي اِي سي حقيقت ۾ ايم ڪيو ايم جي پارليامينٽ آهي ۽ پاليسي ميڪر باڊي آهي. جنهن جي فرضن ۾ ايم ڪيو ايم جي آئين جي تشڪيل نو، آئين جي شقن ۾ رڌوبدل ڪرڻ، پاڻ ۾ مشورن سان آئين جي شقن ۾ ترميم ڪرڻ ۽ ضروري قانون سازي ڪرڻ به شامل آهي. انهن سي اِي سي جي ميمبرن کي هدايت ڪئي ته اهي غيرجانبدار مبصرن جي موجودگي ۾ ڳجهي ووٽنگ جي ذريعي سي اِي سي جي آرگنائيزر ۽ مرڪزي ذميوارن جي چونڊ ڪن. انهن خيالن جو اظهار انهن نائن زيرو تي سي اِي سي جي پهرين باقائده اجلاس کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي جا ميمبر به موجود هئا. پنهنجي خطاب ۾ جناب الطاف حسين سي اِي سي جي تنظيمي دائري ، فرضن ، ذميوارين ۽ ٻين معاملن تي تفصيلي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ايم ڪيو ايم هڪ جمهوريت 
پسند، لبرل، روشن خيال ۽ اعتدال پسند جماعت آهي جيڪا ملڪ کان فرسوده جاگيرداراڻه نظام، ڪرپٽ سياسي ڪلچر ۽ موروثي سياست جو خاتمو چاهي ٿي. ايم ڪيو ايم هر قسم جي دهشت گردي جي خلاف آهي ۽ چاهي ٿي ته ملڪ کان مذهبي انتها پسندي، مذهب ۽ فرقي واريت جي بنياد تي دهشت گردي جو خاتمو ٿئي ۽ ملڪ ۾ مذهبي رواداري ۽ فرقي وارانه هم آهنگي فروغ پائي. ايم ڪيو ايم پاڪستان ۾ اهڙو معاشرو  چاهي ٿي جتي عورتن کي زندگي جي هر شعبي ۾ برابري جي بنياد تي حق حاصل هجن، غيرمسلم پاڪستانين کي زندگي گذارڻ ۽ زنده رهڻ جا برابر جا حق حاصل هجن ۽ غريب ۽ وچولي طبقي جي ماڻهن کي به انهن جا جائز حق ملي سگهن. انهن فرمايو ته سي اِي سي جي هر ميمبر جو اهو فرض آهي ته ان کي جيڪي ذميواريون ڏنيون وڃن انهن کي ديانتداري ۽ ايمانداري سان پورو ڪري ۽ سي اِي سي کي وڌيڪ موثر ۽ فعال بڻائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير سميت ملڪ جي تمام صوبن ۾ ايم ڪيو ايم جي فڪر و فلسفي ۽ تنظيمي پيغام جو فروغ، زونن، سيڪٽرن ۽ يونٽن ۾ تنظيمي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ، تنظيمي نظم و ضبط تي سختي سان عمل ڪرائڻ، ملڪ ۾ تنظيمي معاملن کي بهتر بڻائڻ ۽ غير تنظيمي ۽ سماج دشمن سرگرمين ۾ ملوث ماڻهن جي معطلي يا خارج ڪرڻ جي رابطا ڪميٽي کي سفارش ڪرڻ به سي اِي سي جي فرضن ۾ شامل آهي. اهڙي طرح سي اِي سي ايم ڪيو ايم جي سينيئر ترين ميمبرن جيڪي هر ڏکئي وقت ۾ ثابت قدم رهيا پر ڪجھ ذميوارن جي پسند ۽ ناپسند جي ڪري ڏمر هيٺ رهيا انهن کي تحريڪ ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ رابطا ڪميٽي کي پنهنجيون سفارشون به پيش ڪري سگهي ٿي ته جيئن تحريڪ جي مخلص ۽ ثابت قدم ساٿين سان ٿيندڙ ناانصافين جو خاتمو ڪري سگهجي. انهن فرمايو ته سي اي سي اهل ۽ باڪردار ماڻهن تي مشتمل هڪ ڊسپلنري ڪميٽي به قائم ڪري جيڪا پارٽي ۾ نظم و ضبط جي خلاف ورزي جي معاملن جو فوري طور تي نوٽس وٺي ڪري ان جي تحقيقات ڪري ۽ پنهنجيون سفارشون رابطا ڪميٽي کي پيش ڪري. جناب الطاف حسين فرمايو ته فرضن جي ادائگي سان گڏو گڏ سي اي سي جي اها ذميواري به آهي ته اها ملڪ ۾ عوام کي پيش ايندڙ مسئلن جو جائزو وٺي ۽ انهن جي مسئلن جي حل ۽ عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ ضروري پراجيڪٽس جي حوالي سان به رابطا ڪميٽي کي سفارشون پيش ڪري. سي اي سي جي ميمبرن جو اهو به فرض آهي ته اها ڪميٽيون بڻائي ڪري ايم ڪيو ايم جي تحت طبي ۽ تعليمي ادارن سن اسڪول، نذير حسين اسڪول ميموريل، ميڊيڪل سينٽر، نذير حسين يونيورسٽي ۽ خورشيد بيگم 
ميموريل ڊسپينسرين سميت ٻين فلاحي ادارن جو دورو ڪري، انهن ادارن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺي ۽ عوام کي فراهم ڪئي ويندڙ سهولتن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي مرتب ڪيل سفارشن کان رابطا ڪميٽي کي آگاھ ڪري. انهن فرمايو ته زلزلي، سيلاب، يا ٻين قدرتي آفتن ، حادثن ، ڊينگي وائرس، ڪانگو وائرس، ايبولا وائرس، پوليو ۽ ٻين مرضن کان تحفظ جي لاءِ عوامي سطح تي شعور بيدار ڪري ۽ عوام کي آگاهي ڏي ۽ عوام کي قدرتي آفتن، حادثن ۽ مرضن کان بچاءُ جي لاءِ تيار ڪرڻ به انهن جي فرضن ۾ شامل هوندو. انهن فرمايو ته حقيقت ۾ سي اي سي ايم ڪيو ايم جي پارليامينٽ آهي ۽ پاليسي ميڪر باڊي آهي، جنهن جي فرضن ۾ ايم ڪيو ايم جي آئين جي تشڪيل نو، پاڻ ۾ مشورن سان آئين جي شقن ۾ ترميم ڪرڻ ۽ ضروري قانون سازي ڪرڻ به شامل آهي. انهن فرمايو ته سي اي سي ايم ڪيو  ايم جي اليڪشن ڪميشن جا فرض به ادا ڪندي. مڪاني ، صوبائي، قومي ، صوبائي ۽ سينيٽ جي اليڪشن  جي موقعي تي تعليم يافته، ايماندار ۽ باصلاحيت ماڻهن جي فهرست مرتب ڪرڻ،پسند ۽ ناپسند جي بجاءِ خالص ميرٽ جي بنياد تي ناظم، ٽائون ناظم، يوسي ناظم، صوبائي ، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي عهدن جي لاءِ موزون ماڻهن جي چونڊ ڪرڻ به سي اي سي جي فرضن ۾ به شامل آهي. انهن فرمايو ته جيڪڏهن سي اي سي اهو ڏسي ته فلاڻي عورت يا شخص انگريزي زبان تي عبور رکي ٿو، بين الاقوامي معاملن تي به ان کي مهارت حاصل آهي ۽ ملڪي ۽ بين الاقوامي سياست تي به ان جي گهري نظر آهي ۽ اهو غير ملڪي سفارتڪارن سان ملاقات ۾ ايم ڪيو ايم جو موقف سٺي نموني سان بيان ڪري سگهي ٿو ته ان کي سي اي سي ۾ شموليت جي لاءِ رابطا ڪميٽي کي پنهنجيون سفارشون پيش ڪري سگهي ٿي. جناب الطاف حسين سي اي سي جي قيام تي سمورن ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي دلي مبارڪباد به پيش ڪئي ۽ انهن کي هدايت ڪئي ته اهي پنهنجا سمورا فرض دوستي ۽ مٽي مائٽي کان بالا تر ٿي ڪري صرف ۽ صرف ايمانداري ، ديانتداري ۽ خلوص نيت سان انجام ڏين.

7/17/2024 1:33:30 PM