Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سنڌ کي ٽڪراءُ جي نه بلڪه افهام و تفهيم ۽ امن و محبت جي ضرورت آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


سنڌ کي ٽڪراءُ جي نه بلڪه افهام و تفهيم ۽ امن و محبت جي ضرورت آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 2/12/2015
سنڌ کي ٽڪراءُ جي نه بلڪه افهام و تفهيم ۽ امن و محبت جي ضرورت آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
انشاء الله تعالٰي پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم پنهنجين گڏيل ڪوششن سان سنڌ ۾ افهام و تفهيم ۽ امن و ڀائي چاري جي فضا کي فروغ ڏيندا.
گورنر هائوس ۾ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ ۽ بين سان فون تي ڳالھ ٻولھ.
لنڊن؛ 12 فيبروري 2015 
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته سنڌ کي ٽڪراءُ جي نه بلڪه افهام و تفهيم ۽ امن و محبت جي ضرورت آهي. اها ڳالھ انهن اربع جي رات گورنر هائوس ۾ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ، رحمٰن ملڪ، نثار کوڙي، شرجيل ميمڻ ۽ مراد علي شاھ سان فون تي ڳالھ ٻولھ ڪندي فرمائي. ان موقعي تي گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد ، ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جو جوائنٽ انچارج ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، ڪنور نويد جميل، بابر غوري ۽ رئوف صديقي به موجود هئا.جناب الطاف حسين فرمايو ته سنڌ ۾ ماضي ۾ به ڪجھ ماڻهن نفرتن کي هوا ڏيئي ڪري صوبي جي مستقل ماڻهن کي پاڻ ۾ ويڙهايو هو پر سنڌ جا ماڻهو پاڻ  ۾ وڙهڻ نه ٿا چاهين بلڪه شاه لطيف جي ڌرتي کي امن و محبت جي ڌرتي بڻائڻ چاهين ٿا. انهن فرمايو ته انشاء الله تعالٰي پي پي ۽ ايم ڪيو ايم پنهنجين گڏيل ڪوششن سان سنڌ ۾ افهام و تفهيم ۽ امن و ڀائي جي چاري جي فضا کي فروغ ڏينديون ۽ گڏجي ڪري عوام جا مسئلا حل ڪنديون.ان موقعي تي وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ، رحمٰن ملڪ، نثار کوڙي، شرجيل ميمڻ ۽ مراد علي شاھ به جناب الطاف حسين سان ڳالھ ٻولھ ڪئي ۽ انهن کي خاطري ڪرائي ته ٻئي جماعتون سنڌ ۾ پيار و محبت کي پروان چڙهائينديون ۽ گڏجي ڪري سنڌ کي ترقي ڏينديون. ان موقعي تي جناب الطاف حسين سنڌ ۾ امن و ڀائي چاري جي فروغ جي لاءِ دعا به ڪرائي.

6/30/2024 9:27:59 AM