Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سي پي ايل سي جي سربراھ احمد چناءِ سان رينجر جي اهلڪارن جي طرفان ناروا سلوڪ قابل مذمت آهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


سي پي ايل سي جي سربراھ احمد چناءِ سان رينجر جي اهلڪارن جي طرفان ناروا سلوڪ قابل مذمت آهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 1/27/2015
سي پي ايل سي جي سربراھ احمد چناءِ سان رينجر جي اهلڪارن جي طرفان ناروا سلوڪ قابل مذمت آهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
فوج جي قيادت ٻڌائي ته ڇا اها مهاجرن کي ڪڏهن به پاڪستاني نه سمجهندي؟
ڇا اسٽيبلشمينٽ جي نظر ۾ هڪ به مهاجر عزت وارو چورائڻ جو حقدار آهي يا نه؟
19 جون 1992 تي ٿيندڙ فوجي آپريشن جون يادون اڄ به تازه آهن ۽ ڦٽن مان اڄ به رت ڳڙي رهيو آهي.جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 27 جنوري 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين سي پي ايل سي جي سربراھ احمد چناءِ سان رينجر اهلڪارن جي طرفان ڪيل ناروا سلوڪ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ فوج  جي اعلٰي قيادت ۽ فوج جي شاخن جي ذميوارن کي مخاطب ڪندي فرمايو آهي ته پاڪستان کي آزاد ٿئي 67 سال گذري چڪا آهن، مهاجرن خصوصن ميمڻ برادري پاڪستان جي قيام جي لاءِ جيڪي ناقابل فراموش قربانيون ڏنيون آهن اهي تاريخ جو حصو بڻجي چڪيون آهن. پاڪستان تي جڏهن به ڏکيو وقت آيو آهي ته مهاجرن پنهنجين جانين تي کيڏي ڪري ملڪ جي حفاظت ڪئي آهي. انهن پاڪستان ٺاهڻ جي لاءِ 20 لک جانين جو نذرانو پيش ڪيو. پاڪستان کي بچائڻ جي لاءِ سانحه اوڀر پاڪستان جي موقعي تي به 7 لک جانين جو نذرانو پيش ڪيو ۽ فوج سان وک وک ۾ ملائي اڳتي وڌندارهيا. پر ان جي باوجود انهن سان تعصب وارو سلوڪ قابل مذمت آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته اغوا براءِ تاوان جي وارداتن کان متاثر ٿيندڙ ماڻهو سي پي ايل سي جي سربراھ جي حيثيت سان احمد چناءِ سان رابطو ڪن ٿا، احمد چناءِ جو ڪم ماڻهن کي بازياب ڪرائڻ ۽ اغوا برائي تاوان 
جي وارداتن ۾ ملوث ڏوهارين کي گرفتار ڪرائڻ آهي ۽ ان سلسلي ۾ اغوا ٿيلن جي گهر وارن ۽ اغوا ڪندڙن سان رابطو ڪرڻ انهن جي فرضن ۾ شامل آهي پر ان بنياد تي احمد چناءِ تي الزام لڳائڻ سراسر زيادتي آهي. انهن فرمايو ته پاڪستان ۽ مظلوم عوام جي لاءِ احمد چناءِ جيڪي خدمتون انجام ڏنيون آهن، انهن جي اعتراف جي بجاءِ انهن جي گهر تي چاپو هڻڻ ۽ انهن تي بي بنياد الزام هڻڻ چنڊ تي ٿڪ اڇلائڻ جي برابر آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته صومالي قزاڪن به جڏهن پاڪستاني بحري جهاز جي اسٽاف کي يرغمال بڻايو هو ته احمد چناءِ ۽ گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد پنهنجين جانين کي خطري ۾ وجهي ڪري بازياب ڪرايو هو.احمد چناءِ ڪيترن ئي سالن کان پنهنجي جان کي هٿن تي رکي ڪري چورن ۽ ڌاڙيلن جي خلاف پوليس ۽ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن سان گڏ ڏينهن رات ڪم ڪندا رهيا آهن. پر ان جو بدلو رينجر جي جوانن اهڙي طرح ڏنو جو احمد چناءِ جي گهر تي صبح سوير ئي چاپو هڻي ڪري انهن جي بي عزتي ڪئي وئي.جناب الطاف حسين فرمايو ته فوج جي قيادت ٻڌائي ته اها مهاجرن کي ڪڏهن پاڪستاني سمجهندي يا نه سمجهندي؟ 19 جون 1992 تي ٿيندڙ فوجي آپريشن جون يادون اڄ به تازه آهن ۽ زخمن مان اڄ به رت ڳڙي رهيو آهي.فوجي اسٽيبلشمينٽ صاف لفظن ۾ ٻڌائي ته انهن جي نظر ۾ هڪ به مهاجر عزت وارو چورائڻ جي لائق آهي يا نه؟جناب الطاف حسين فرمايو ته پاڪستان دشمن دهشت گردن جي خلاف آپريشن ضرب عضب ۾ جيڪڏهن فوج جي سڀني کان وڌيڪ ڪنهن حمايت ڪئي آهي ته اها ايم ڪيو ايم ، الطاف حسين آهي ۽ ڪراچي جو عوام آهي پر ان جي باوجود احمد چناءِ سان  ذلت وارو سلوڪ ۽ بي عزتي ڪرڻ قابل مذمت  آهي.انهن فرمايو ته اهو ذلت وارو سلوڪ صرف احمد چناءِ سان ئي نه پر پوري ميمڻ برادري سان ۽ خصوصن مهاجرن سان ڪيو ويو آهي. انهن فرمايو ته پاڪستان جا محب وطن ماڻهو اهڙين لڳاتار ٿيندڙ حرڪتن ۽ هڪ طبقي جي خلاف تعصب واري سلوڪ سان ان طبقي ۾ ڇا حب الوطني جا جذبا پيدا ٿيندا يا اهي پنهنجي باري ۾ سوچڻ تي مجبورٿيندا ته انهن کي 67 سال گذرڻ جي باوجود اڄ به پاڪستاني ڇو نه ٿو سمجهيو وڃي؟ جناب الطاف حسين احمد چناءِ ۽ ميمڻ برادري جي سمورين انجمنن سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ انهن کي چيو ته اهي احمد چناءِ سان ڪيل ان بي عزتي واري سلوڪ تي هڙتال يا ڪنهن به قسم جي احتجاج جو پروگرام بڻائين ته اسان انهن سان مڪمل تعاون ڪنداسين. جناب الطاف حسين فرمايو ته ذلت جي زندگي کان عزت جو موت بهتر آهي، اهو نعرو هاڻي سڀني هجرت ڪرڻ وارن جي زبان تي هوندو ۽ ان جو جيڪو به انجام ٿيندو ان جي سڄي ذميواري اسٽيبلشمينٽ تي عائد ٿيندي.

7/17/2024 11:44:18 PM