Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جا 35 ڪارڪن ماورائي عدالت شهيد ڪيا ويا آهن ۽ درجنين ڪارڪن هن مهل تائين لاپتا آهن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.


ايم ڪيو ايم جا 35 ڪارڪن ماورائي عدالت شهيد ڪيا ويا آهن ۽ درجنين ڪارڪن هن مهل تائين لاپتا آهن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
 Posted on: 1/27/2015
ايم ڪيو ايم جا 35 ڪارڪن ماورائي عدالت شهيد ڪيا ويا آهن ۽ درجنين ڪارڪن هن مهل تائين لاپتا آهن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
غلام قادر ٿيٻو جو ايم ڪيو ايم جي متعلق بيان حقيقتن تي پردو وجهڻ جي ڪوشش آهي.جنهن جي اسان سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا.رابطا ڪميٽي.
ڪراچي؛ 27 جنوري 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جي 35 ڪارڪن کي ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪارن  ماورائي عدالت شهيد ڪيو آهي ۽ جڏهن ته درجنين ڪارڪن هن مهل تائين لاپتا آهن.رابطا ڪميٽي ايڊيشنل آئي جي سنڌ پوليس غلام قادر ٿيٻو جي طرفان ڏنل انٽرويو ۾ ايم ڪيو ايم جي متعلق ڏنل بيان جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته غلام قادر ٿيٻو جو اهو بيان حقيقتن کي ميٽڻ جي ڪوشش آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته گذريل پوين ڏينهن ۾ ايم ڪيو ايم ملير سيڪٽر جي ڪارڪن سيد فراز عالم کي رشوت نه ڏيڻ تي پوليس بدترين تشدد جو نشانو بڻائي ڪري شهيد ڪري ڇڏيو هو، رابطا ڪميٽي چيو ته ايم ڪيو ايم گذريل 36 سالن کان ملڪ جي مظلوم ۽ محروم عوام جي واحد نمائنده جماعت آهي پر غلام قادر ٿيٻو جي طرفان ايم ڪيو ايم ۾ گروپ بندين جو الزام لڳائي ڪري پوليس جي ڏوهن تي پردو وجهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته ڪراچي ۾ پوليس ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ڪارڪنن کي اردو ڳالهائڻ جي بنياد تي گرفتار ڪري بدترين تشدد جو نشانو بڻائي ٿي ۽ پوءِ انهن جي گهرن وارن کان وڏي رشوت طلب ڪري ٿي ۽  نه ڏيڻ تي انهن کي ماورائي عدالت قتل ڪري ڇڏي ٿي ۽ پوءِ انهن جو لاشون ويرانن ۾ اڇلائي ڇڏي ٿي. رابطا ڪميٽي وڌيڪ چيو ته ايم ڪيو ايم جي سوين ڪارڪنن کي پوليس رشوت وٺي ڪري ڇڏيو آهي.

7/17/2024 11:52:21 PM