Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان سوئي سدرن گيس ڪمپني جي طرفان ڪراچي ۾ گيس جي لوڊشيڊنگ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت.


 Posted on: 1/2/2015 1

ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان سوئي سدرن گيس ڪمپني جي طرفان ڪراچي ۾ گيس جي لوڊشيڊنگ جي  سخت ترين لفظن ۾ مذمت.
ڪراچي؛ 2 جنوري 2015
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي سوئي سدرن گيس ڪمپني جي طرفان ڪراچي جي شهرين کي گيس جي فراهمي گهٽ ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ مذمتي بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ڪراچي جا عوام پهرين ئي ڪي اليڪٽرڪ، واٽر اينڊ سيوريج بورڊ ۽ ٻين ادارن جي متعصبانه رويي جي ڪري سخت پريشاني جو شڪار آهن ۽ هاڻي وري سوئي سدرن گيس ڪمپني جي طرفان به شهر جي مخلتف علائقن ۾ گيس جي فراهمي ۾ ڪمي ۽ بندش شهرين کي وڌيڪ پريشاني ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي.انهن چيو ته عوام کي بنيادي سهولتن کان محروم رکڻ ڪنهن به طرح صحيح نه آهي ۽ ان سان جيڪڏهن عوام جي صبر جو پيمانو لبريز ٿي ويو ته ملڪ جي معيشت سخت مشڪلاتن جو شڪار ٿي سگهي ٿي. رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف، گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته اهي سوئي سدرن گيس جي زيادتين جو نوٽس وٺن ۽ شهرين کي سهولتون فراهم ڪرائين.


7/17/2024 8:22:54 PM