Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان پاڪستاني عوام سميت سڄي دنيا جي مسلمانن کي جشن عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جي دلي مبارڪباد پيش.


ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان پاڪستاني عوام سميت سڄي دنيا جي مسلمانن کي جشن عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جي دلي مبارڪباد پيش.
 Posted on: 1/3/2015 1
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان پاڪستاني عوام سميت سڄي دنيا جي مسلمانن کي جشن عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جي دلي مبارڪباد پيش.
امام الانبياء حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جي ولادت باسعادت جو ڏينهن نه صرف مسلمانن جي لاءِ خوشين، رحمتن ۽ برڪتن جو ڏينهن آهي. بلڪه پوري انسانيت جي لاءِ به احترام ۽ خوشين جو ڏينهن آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 3 جنوري 2015
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پاڪستاني عوام سميت سڄي دنيا جي مسلمانن کي جشن عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جي دلي مبارڪباد پيش ڪئي آهي. پنهنجي هڪ خصوصي پيغام ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته الله تعالٰي سرور ڪائنات حضرت محمد صلي الله عليه وسلم کي رحمت اللعٰلمين يعني سڀني جهانن جي لاءِ رحمت بڻائي ڪري موڪليو آهي ۽ انهن جي ولادت جو ڏينهن مبارڪ نه صرف مسلمانن بلڪه پوري انسانيت جي لاءِ احترام جو ڏينهن آهي. انهن فرمايو ته اسان کي گهرجي ته اسان رحمت اللعٰلمين صلي الله عليه وسلم جي تعليمات ۽ سيرت پاڪ تي عمل ڪندي تمام غير مسلمن جو به احترام ڪريون، انهن جي جان و مال ۽ عزت جو تحفظ ڪريون ۽ احترام انسانيت جي جذبي کي فروغ ڏيون. جناب الطاف حسين پاڪستاني عوام سميت تمام عالم اسلام کي عيد
2
ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جي مبارڪباد پيش ڪندي فرمايو ته اڄ جي ڏينهن نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جي تعليمات جي روشني ۾ اسان غريبن، مسڪينن ۽ محتاجن کي نه وساريون . اڄ جي ڏينهن تمام مسلمانن کي گهرجي ته اهي نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جي پيغام جي روح جي مطابق عمل ڪندي پاڻ ۾ ڀائيچاري جو مظاهرو ڪن ۽ هڪ نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جي امت جي ناطي هڪ ٻئي جي جان و مال ۽ عزت جو تحفظ ڪن ۽ هر قسم جي تعصب جو خاتمو ڪن. جناب الطاف حسين تمام مڪاتب فڪر جي عالمن سڳورن کي اپيل ڪئي ته اهي جشن عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جي خوشي جي موقعي تي نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جي سيرت مبارڪ تي روشني وجهڻ سان گڏو گڏ ماڻهن کي مذهبي ڀائيچاري، فرقي وارانه هم آهنگي ۽ هڪ ٻئي جي مسلڪن ۽ عقيدن جي احترام جو درس ڏين ۽ پيار و محبت کي فروغ به ڏين. جناب الطاف حسين دعا فرمائي ته الله تعالٰي  پنهنجي محبوب صلي الله عليه وسلم جي صدقي پاڪستان سميت سڄي دنيا کان دهشت گردي جو خاتمو ڪري، ملڪ ۾ امن و استحڪام قائم ڪري، امت تي پنهنجو ڪرم ڪري ۽ پاڪستان کي اندرين ۽ ٻاهرين خطرن ۽ سازشن کان محفوظ رکي.آمين.

7/17/2024 8:41:54 PM