Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪالھ تائين فوجي عدالتن جي قيام جي حمايت ڪرڻ وارا عمران خان، پيپلز پارٽي ۽ اي اين پي وارا اڄ فوجي عدالتن جي قيام جي مخالفت ڪري رهيا آهن.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


ڪالھ تائين فوجي عدالتن جي قيام جي حمايت ڪرڻ وارا عمران خان، پيپلز پارٽي ۽ اي اين پي وارا اڄ فوجي عدالتن جي قيام جي مخالفت ڪري رهيا آهن.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 12/30/2014
ڪالھ تائين فوجي عدالتن جي قيام جي حمايت ڪرڻ وارا عمران خان، پيپلز پارٽي ۽ اي اين پي وارا اڄ فوجي عدالتن جي قيام جي مخالفت ڪري رهيا آهن.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
جيڪڏهن اسان جي رهنمائن جو اهو ئي حال رهيو ته هن ملڪ ۾ مارشلا جي اچڻ کي ڪوئي به روڪي نه سگهندو.
پوري قوم دهشت گردي جي خلاف جنگ ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ پاڪ فوج سان گڏ آهي.
ربيع الاول جي سلسلي ۾عالمن سڳورن، بزرگن، مذهبي اسڪالرن ۽ ذاڪرن جي هڪ وڏي اجتماع کي ٽييلفونڪ خطاب.
لنڊن؛ 30 ڊسمبر 2014
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ٻه ڏينهن اڳ سمورين سياسي ۽ مذهبي جماعتن جي قائدين جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ وزير اعظم، آرمي چيف ۽ آئي ايس آئي چيف به موجود هئا.جنهن ۾ عمران خان، پيپلز پارٽي ۽ اي اين پي فوجي عدالتن جي قيام جي حمايت ڪئي هئي.ايم ڪيو ايم پنهنجي تحفظات جو اظهار ڪيو ۽ سڀني کان آخر ۾ فوجي عدالتن جي قيام جي حمايت ڪئي.اڄ عمران خان، پيپلز پارٽي ۽ اي اين پي وارا سڀ بدلجي ويا ۽ هاڻي اهي فوجي عدالتن جي قيام جي مخالفت
ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن اسان جي رهنمائن جو اهو ئي حال رهيو ته هن ملڪ ۾ مارشلا جي اچڻ کي ڪوئي به روڪي نه سگهندو.انهن فرمايو ته مسلمانن جي وحشي قاتل طالبان کي هرگز به مسلمان قرار ڏيئي نه ٿو سگهجي.اهي خوارج ۽ منافق آهن ۽ انهن قاتلن کي صرف دهشت گرد نه چيو وڃي بلڪه انهن کي ظالمان ۽ قاتل طالبان چئي ڪري پڪاريو وڃي ۽ جيڪي معصوم ٻارن جي قتل عام کي جائز قرار ڏين ته سمورن شهرين کي اهڙن ماڻهن جو بائيڪاٽ ڪرڻ گهرجي.انهن خيالن جو اظهار انهن نائن زيرو تي لال قلعه گرائونڊ ۾ ربيع الاول جي مهيني جي سلسلي ۾ منعقد ٿيندڙ تمام مڪاتب فڪر جي عالمن سڳورن، بزرگن، مذهبي اسڪالرن ۽ ذاڪرن جي هڪ وڏي اجتماع کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي فرمايو.ان موقعي تي رابطا ڪميٽي جا ميمبر، سينيٽر، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا ميمبر ۽ ٻيا به موجود هئا.پنهنجي خطاب ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته اسان سرڪار دوعالم صلي الله عليه وسلم جي باري ۾ پڙهون، ٻڌنئون ۽ بيان ڪريون ٿا پر اسان پاڻ نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جي تعليمات تي عمل نه ٿا ڪريون. نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم فرمايو ته ڪوڙ نه ڳالهايو، بي ايماني نه ڪريو، ٻين جي رازن تي پردو وجهو ۽ ملاوٽ نه ڪريو، پر اسان ڪوڙ به ڳالهايون ٿا، بي ايماني به ڪريون ٿا، ٻين جي رازن کي به کوليون ٿا ۽ ملاوٽ به ڪريون ٿا. نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جي تعليم مبارڪ آهي ته پاڙيسرين سان سٺو سلوڪ ڪريو، ٻارن تي شفقت ڪريو، والدين ۽ استادن جو احترام ڪريو. نبي پاڪ صلي عليه وسلم ايمان جا ٽي درجا بيان ڪيا آهن ته جيڪڏهن ڪوئي الله تعالٰي، قرآن پاڪ ۽ نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جي تعليمات جي خلاف ڳالھ ڪري ۽ بي گناهن تي ظلم ڪري ته طاقت جي ذريعي ان کي روڪيو،جيڪڏهن طاقت نه هجي ته زبان سان روڪيو ۽ جيڪڏهن زبان سان به روڪي نه ٿا سگهو ته دل ۾ ان کي برو سمجهو. ڪنهن به غير اسلامي عمل کي دل ۾ برو سمجهڻ ايمان جو سڀني کان گهٽ درجو آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته مان مذهبي رواداري ۽ فرقي وارانه هم آهنگي جي لاءِ عملي جدوجهد ڪندو رهيو آهيان ۽ سمورن مڪاتب فڪر جي عالمن سڳورن جو دل سان احترام ڪريان ٿو. پاڪستان جي 67 ساله تاريخ ۾ الطاف حسين کان علاوه پاڪستان جي ڪنهن به ليڊر محرم شريف ۽
3
ربيع الاول جي موقعي تي تمام مڪاتب فڪر جي عالمن سڳورن کي گڏ ڪري اتحاد، ڀائيچاري ۽ فرقي وارانه هم آهنگي جي لاءِ عملي ڪوشش نه ڪئي آهي.جناب الطاف حسين فرمايو ته هي ربيع الاول جو بابرڪت مهينو آهي ۽ نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جي ولادت مبارڪ جو مهينو آهي. اڄ هن برڪت واري محفل ۾ اهو فيصلو ٿيڻ گهرجي ته اسان ٽئين درجي جا نه بلڪه پهرين درجي جا مسلمان بڻجنداسين ۽ بي گناهن جا ڳلا ڪٽڻ وارن کي صرف دهشت گرد نه بلڪه طالبان چئي ڪري پڪارينداسين.جناب الطاف حسين طائف ۾ نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم تي پٿر هڻڻ جو واقعو بيان ڪندي فرمايو ته جڏهن حضرت جبريل عليه السلام نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم کي عرض ڪيو ته جيڪڏهن اوهان حڪم ڏيو ته مان انهن مشرڪن کي جبلن جي وچ ۾ چيڀاٽي ڪري ماري ڇڏيان ته اوهان صلي الله عليه وسلم فرمايو ته نه انهن کي ماريو نه، اهي نادان آهن. انهن وڌيڪ فرمايو ته جيڪي وحشي عناصر اسلام جي آڙ ۾ معصوم ٻارن جا ڳلا ڪٽڻ، انهن تي گوليون وسائڻ ، مسجدن، امام بارگاهن، بزرگن جي مزارن، غير مسلمن جي عبادتگاهن، اسڪولن، بازارن ۽ سرڪاري تنصيبات تي خود ڪش ڌماڪا ڪن ۽ انهن کي بمن سان اڏائن ته اهي هرگز به مسلمان ٿي نه ٿا سگهن. عالمن سڳورن جو فرض آهي ته اهي منبر تي ويهي ڪري کلي ڪري چون ته وحشي طالبان کي هرگز به مسلمان قرار ڏيئي نه ٿو سگهجي.انهن فرمايو ته طالبان جو دين سان ڪوئي به تعلق نه آهي. اهي خوارج ۽ منافق آهن. جناب الطاف حسين فرمايو ته بحيثيت مسلمان اسان سڀ الله تعالٰي جي وحدانيت تي ، ختم نبوت ۽ قرآن پاڪ تي ايمان رکون ٿا. نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم حالتن جي تناسب سان ڪڏهن هٿ ٻڌي ڪري ، ڪڏهن هٿ ڇڏي ڪري ، ڪڏهن رفع دين، ڪڏهن دُن کان هيٺ ته ڪڏهن دُن جي مٿان هٿ ٻڌي ڪري نماز ادا ڪئي ۽ هر طريقي سان نماز جي ادائگي جو مقصد الله تعالٰي جي عبادت ئي هو، نعوذ بالله هٿ ڇڏي ڪري يا رفع دين ڪري نماز پڙهڻ سان نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جو هرگز به مقصد اهو نه هو ته استغفرالله اوهان صلي الله عليه وسلم ڪنهن ٻئي جي عبادت ڪندا هئا.هر طريقي سان نماز ادا ڪرڻ جو مقصد صرف الله تعالٰي جي ئي لاءِ هو ۽ قيامت تائين رهندو.جناب الطاف حسين فرمايو ته مختلف امام ۽ محدث جيڪي پري وارن
4
علائقن کان ايندا هئا، انهن نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم کي جهڙي طريقي سان نماز ادا ڪندي ڏٺو ته اهو ئي طريقو انهن ٻين کي ٻڌايو. ان جي ڪري نماز جي ادائگي جي طريقي ۾ اختلاف ڪرڻ جي بجاءِ قرآن پاڪ جي ان آيت مبارڪ کي سمجهيو وڃي ،ترجمو؛ سڀ تعريفون ان رب جي لاءِ آهن جيڪو تمام عالمن جو پالڻهار آهي ۽ الله سائين بدلي واري ڏينهن جو مالڪ آهي. جناب الطاف حسين وڌيڪ فرمايو ته قرآن پاڪ جي انهن آيتن جي روشني ۾ اسان کي پنهنجي اصلاح ڪرڻ گهرجي.نعوذ بالله زمين تي خدا نه بڻجڻ گهرجي ۽ ڪنهن به بنياد تي ڪنهن کي ڪافر قرار ڏيڻ جو فتوٰي نه ڏيڻ گهرجي ۽ نه مخالف عقيدي ۽ مسلڪ رکڻ وارن جي مسجدن تي پٿر اڇلائڻ گهرجن.عالم سڳورا پنهنجن شاگردن کي به اهو درس ڏين ته اهي ڪنهن به مسلمان کي ڪافر قرار نه ڏين ۽ فرقي وارانه هم آهنگي کي فروغ ڏين. جناب الطاف حسين فرمايو ته ملت اسلاميه پهرين ئي تباهي جو شڪار آهي. مان گنهگار سالن کان پاڪستان ۾ مذهبي رواداري، فرقي وارانه آهنگي ۽ ڀائي چاري جي فروغ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهيان.انهن فرمايو ته آمريڪا، چين ۽ برطانيه سپرپاور نه بلڪه الله تعالٰي جي ذات ڪريم ئي سپر پاور آهي. اوهان ڪنهن کان به ڊڄڻ جي بجاءِ ظالم کي کلي ڪري ظالم چئو. جناب الطاف حسين فرمايو ته مان موروثيت جي ڳالھ نه ڪري رهيو آهيان بلڪه هي تاريخي حقيقتون آهن. جن تي تمام مڪاتب فڪر جا عالم سڳورا متفق آهن ته جڏهن نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم تي غار حرا ۾ پهرين وحي نازل ٿي ته سڀني کان پهرين اوهان جي زوجه مبارڪ حضرت امان خديجه الڪبرٰي گواهي ڏني ته بي شڪ اوهان الله سائين جا رسول پاڪ صلي الله عليه وسلم آهيو ۽ ٻارن ۾ سڀني کان پهرين ايمان آڻڻ وارا حضرت علي عليه السلام هئا. جيڪي اوهان صلي الله عليه وسلم جا سڳا سوٽ به هئا ۽ جن جي شادي امان فاطمه سان ٿي ۽ انهن مان حضرت امام حسن ۽ حضرت امام حسين پيدا ٿيا. جڏهن اوهان صلي الله عليه وسلم نماز ادا ڪندا هئا ته ٻئي امام حسن ۽ امام حسين اوهان صلي الله عليه وسلم جي پٽي مبارڪ تي سوار ٿي ويندا هئا ته نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم الله تعالٰي جي حڪم سان پنهنجو سجدو ڊگهو ڪري ڇڏيندا هئا.جناب الطاف حسين فرمايو ته جڏهن خلافت ملوڪيت ۾ داخل ٿي وئي ۽ يزيد ملعون پاڻ کي بادشاھ چورائڻ شروع
5
ڪري ڇڏيو ته بيعت صرف خليفي جي هوندي آهي بادشاھ جي نه هوندي آهي.دين اسلام بادشاھت جي نفي ڪري ٿو. جناب الطاف حسين فرمايو ته الله تعالٰي قرآن پاڪ ۾ نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جو شان مبارڪ بيان ڪندي فرمائي ٿو ته وما ارسلناڪ الا رحمت اللعٰلمين ، يعني اسان اوهان کي سڀني جهانن جي لاءِ رحمت بڻائي ڪري موڪليو آهي. يعني نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم صرف مسلمانن جائي نه پر سڀني جهانن جي لاءِ رحمت بڻجي ڪري آيا آهن. سڀني جهانن ۾ صرف مسلمان ئي نه بلڪه هندو، سک، عيسائي، يهودي ۽ ٻيا غير مسلم به رهن ٿا. پر بدقسمتي سان اسان نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم کي به مسلمانن تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي.انهن وڌيڪ فرمايو ته نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جي اصل تعليم مبارڪ آخري خطبو حجه الوداع آهي. جنهن ۾ نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم فرمايو هو ته توهان ۾ ڪوئي به ننڍو وڏو نه آهي.عربي کي عجمي تي، عجمي کي عربي تي ، گوري کي ڪاري تي ، امير کي غريب تي ڪائي به فوقيت نه آهي. فوقيت صرف ان کي آهي جيڪو تقوٰي ۾ وڌيڪ آهي. گويا فوقيت جو معيار صرف عربي يا عجمي هجڻ نه ، پنجابي سنڌي يا بلوچ ۽ مهاجر هجڻ نه بلڪه تقوٰي ۽ ميرٽ آهي. ان جي ڪري اسان کي تمام شعبن ۾ ميرٽ تي عمل ڪرڻ گهرجي.جناب الطاف حسين فرمايو ته طالبان انسانن جي روپ ۾ وحشي آهن. جيڪي عورتن کي گهرن ۾ بند رکي ۽ انهن کي رسن سان ٻڌي ڪري رکن ۽ ڇوڪرين جي اسڪولن کي بمن سان اڏائين. بدقسمتي سان اسان وٽ مذهبي انتها پسندن جو هڪ ٽولو ڇوڪرين جي اسڪولن کي بمن سان اڏائي رهيو آهي، ٻارن کي رت ۾ وينجهاري رهيو آهي ۽ پوءِ ان کي اسلام جي تعليمات جي مطابق قرار ڏيئي رهيو آهي. آخر اهو ڪهڙو اسلام آهي.جناب الطاف حسين فرمايو ته پشاور ۾ آرمي پبلڪ اسڪول ۾ ٻارن کي بيدردي سان شهيد ڪيو ويو پر جڏهن لال مسجد جي مولوي عبدالعزيز کان پچيو ويو ته انهن چيو ته جڏهن طالبان جي خلاف ڪاروائي ٿيندي ته پوءِ اهو رڌ عمل ته ايندو، انهن وڌيڪ چيو ته مون کي ته افسوس آهي ته ان واقعي ۾ گهٽ ٻار مئا آهن اڃان وڌيڪ مرڻ گهرجن ها. انهن چيو ته هڪ جماعت جي سابق امير چيو ته ملڪ ۾ قتال في سبيل الله جو ڪلچر عام ٿيڻ گهرجي . ان تقرير جي هڪ هفتي کان پوءِ الله اڪبر چئي ڪري معصوم ٻارن کي شهيد ڪيو وڃي ٿو. اهڙن ماڻهن جي باري ۾ قوم ڇا چوندي.جناب الطاف حسين فرمايو ته طالبان دهشت گردن جي حمايت ڪرڻ وارن ۽ انهن
6
کي پنهنجو ڀاءُ چوڻ وارن جو سوشل بائيڪاٽ ڪرڻ گهرجي.انهن اها قرارداد پيش ڪئي جنهن جي تمام عالمن سڳورن تائيد ڪئي.انهن فرمايو ته تمام مسلڪن جي عالمن سڳورن کي ويهاري ڪري قرآن مجيد جي سوره المنافقون ۽ سوره توبه کي پڙهيو وڃي ۽ اهو ثابت ٿي وڃي ته اسلام آباد جي لال مسجد مسجد ضرار وانگر منافقن جي مسجد آهي.جتي اسلام جي تعليم جي بجاءِ ان جي خلاف تعليم ڏني وڃي ٿي ۽ اهڙي طرح جامعه حفصه به منافقن جو مدرسو آهي ته پوءِ لال مسجد ۽ جامعه حفصه تي تالو لڳائي ڇڏجي، ان کي ڪنن ماڻهن کان پاڪ ڪيو وڃي ۽ پوءِ ان جي جڳھ تي اهڙي مسجد قائم ڪئي وڃي جتي سرڪار دوعالم صلي الله عليه وسلم جي تعليمات جي روشني ۾ امن ۽ پيار و محبت جو درس ڏنو وڃي. جناب الطاف حسين فرمايو ته جنرل راحيل شريف هڪ بهادر جنرل آهن جن جي قيادت ۾ فوج طالبان دهشت گردن جي خلاف ڪاروائي ڪري رهي آهي. ان موقعي تي تمام مڪاتب فڪر جي عالمن سڳورن جنرل راحيل شريف، پاڪ فضائيه، نيوي، پيراملٽري فورسز، رينجر ۽ پوليس سان يڪجهتي جو اظهار به ڪيو.جناب الطاف حسين فرمايو ته ٽمبر مارڪيٽ ۾ باھ لڳي مان پوري رات هر هڪ منٽ جي خبر وٺندو رهيس ۽ مان پنهنجن ساٿين کي جاڳايو، اهي اتي ويا انهن جي مدد ڪئي پر افسوس جو هن مهل تائين وزير اعلٰي سنڌ اتي نه آيا آهن ۽ نه هن مهل تائين صدر زرداري جو ڪو هڪ به مذمت جو بيان آيو آهي. انهن عالمن سڳورن کي به ڏوراپو ڏنو ته اوهان کي به اتي وڃي ڪري متاثرن جو ڏک ونڊڻ گهرجي ها.انهن انار ڪلي بازار لاهور۾ 13 ماڻهن جي هلاڪت جي واقعي تي به ڏک جو اظهار ڪيو.انهن فرمايو ته حڪومت کي ان ڳالھ تي غور ڪرڻ گهرجي ته انار ڪلي بازار جي پلازه جي چئن منزلن ۾ چئن کان پنجن منٽن ۾ ايتري تيزي سان باھ ڪيئن لڳي . اڄ ڪالھ اهڙا پائوڊر ملي رهيا آهن. جن جي اڇلڻ سان  باھ لڳي وڃي ٿي. ان جي ڪري ان جي تحقيقات ٿيڻ گهرجي.اهڙي طرح ڪراچي جي ٽمبر مارڪيٽ واقعي جي به تحقيقات  ٿيڻ گهرجي ته باھ لڳي آهي يا لڳائي وئي آهي. جناب الطاف حسين طالبان، القائده ۽ داعش جي ماڻهن کي چيو ته اهي اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا جي ماڻهن سان بحث مباحثو ضرور ڪن پر انهن کي ڌمڪيون ڏيڻ جو عمل بند ڪن. تمام اخبارن ۽ ٽي وي چينلن جي اسٽاف خصوصن عورتن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي. سنڌ ، پنجاب، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواھ ۾ ڇوڪرين جي اسڪولن کي ساڙڻ وارن کي سرعام ڦاهي ڏني وڃي. انهن تمام مڪاتب فڪر جي عالمن سڳورن کي چيو ته اهي ان ڳالھ کي يقيني بڻائڻ ته اڄ کان پوءِ اهي پنهنجن خطبن ۾ ڪنهن به فقه ۽ مسلڪ تي تنقيد نه ڪندا ۽ ڪنهن جي به دل آزاري نه ڪندا.
*****
 
Attachments area

7/17/2024 8:25:22 PM