ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام بيلجيئم ۾ سانحه پشاور ۾ شهيد ٿيندڙ معصوم شاگردن ۽ استادن جي ايصال و ثواب جي لاءِ تعزيتي اجلاس.
بيلجيئم؛ 20 ڊسمبر 2014
متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام بيلجيئم ۾ سانحه پشاور ۾ شهيد ٿيندڙ آرمي پبلڪ اسڪول جي شاگردن ۽ استادن جي ايصال و ثواب جي لاءِ فاتحه خواني ۽ قرآن خواني جا اجتماع منعقد ڪيا ويا.جن ايم ڪيو ايم جي ذميوارن، ڪارڪنن، سياسي و سماجي جماعتن جي مقامي رهنمائن، ڪشمير ڪانفرنس جي صدر، ٻين معزز شخصيتن ۽ بيلجيئم ۾ مقيم پاڪستانين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.تعزيتي اجلاس کي خطاب ڪندي ذميوارن چيو ته جناب الطاف حسين گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ملڪ ۾ طالبان جي وڌندڙ ڪاروائين کان قوم کي آگاھ ڪندا پيا اچن پر حمڪرانن انهن جي خدشن تي ڪن نه ڌريو، پر هاڻي وقت اچي ويو آهي ته طالبان ۽ انهن جي حامي جماعتن جي خلاف بغير ڪنهن فرق جي ڪاروائي ڪئي وڃي. ان موقعي تي سانحه پشاور جي تمام شهيدن جي پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ويو ۽ شهيدن جي بلند درجات ، ملڪ کان انتها پسندي جي خاتمي ۽ جناب الطاف حسين جي صحت و تندرستي ۽ وڏي عمر جي لاءِ خصوصي دعائون ڪيون ويون.