ملڪ کي دهشت گردن کان نجات ڏيارڻ جي لاءِ جنرل رضوان اختر ۽ انهن جي ايجنسي جو ڪردار هيري وارو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
جنرل رضوان اختر دهشت گردن جي خاتمي جو جيڪو ڪم ڪري رهيا آهن اهو هڪ وڏو ڪم آهي.
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جو ڊي جي آئي ايس آئي جنرل رضوان اختر کي خراج تحسين پيش.
لنڊن؛ 20 ڊسمبر 2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جمعي تي ڪراچي ۾ سانحه پشاور جي شهيدن سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ ٿيندڙ تاريخي ريلي کي خطاب ڪندي ڊي جي آئي ايس آئي جنرل رضوان اختر کي شاندار لفظن ۾ خراج تحسين پيش ڪيو آهي. انهن مذاق ڪندي فرمايو ته جنرل رضوان اختر تمام وڏا سمارٽ آهن ۽ اسمارٽ جرنلن مان هڪ آهن. جيڪڏهن اهي فلمن ۾ ڪم ڪن ها ته انهن کي هيري جو ڪردار ملي ها. انهن فرمايو ته جنرل رضوان اختر ڊي جي آئي ايس آئي جي حيثيت سان دهشت گردن جي خاتمي جو جيڪو ڪم ڪري رهيا آهن اهو هڪ وڏو ڪم آهي ۽ اهو انسانيت وارو ڪم آهي ۽ ملڪ کي دهشت گردن کان نجات ڏيارڻ جي لاءِ جنرل رضوان اختر ۽ انهن جي ايجنسي جو ڪردار هيري وارو آهي.