ڪوئيٽا ۾ ڊبل روڊ تي ٿيندڙ بم ڌماڪي تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان مذمت جو اظهار.
لنڊن؛11 نومبر2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ڪوئيٽا ۾ ڊبل روڊ تي ٿيندڙ بم ڌماڪي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ان ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ ٻار جي هلاڪ ٿيڻ تي دلي افسوس جو اظهار به ڪيو آهي.پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ انهن فرمايو ته دهشت گرد پنهنجين ڪاروائين جي ذريعي معصوم شهرين کي نشانو بڻائي رهيا آهن. انهن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ان واقعي ۾ ملوث دهشت گردن کي سخت ترين سزا ڏني وڃي. انهن ڌماڪي ۾ هڪ ٻار جي هلاڪ ٿيڻ تي دلي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي.