Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

متحده قومي موومينٽ جي طرفان ٿر جي ڏڪار سٽيل علائقن ۾ ٽئين ڏينهن به ڇاڇرو ۽ مٺي ۾ ميڊيڪل و امدادي ڪيمپ قائم ڪيو ويو.


متحده قومي موومينٽ جي طرفان ٿر جي ڏڪار سٽيل علائقن ۾ ٽئين ڏينهن به ڇاڇرو ۽ مٺي ۾ ميڊيڪل و امدادي ڪيمپ قائم ڪيو ويو.
 Posted on: 11/11/2014
متحده قومي موومينٽ جي طرفان ٿر جي ڏڪار سٽيل علائقن ۾ ٽئين ڏينهن به ڇاڇرو ۽ مٺي ۾ ميڊيڪل و امدادي ڪيمپ قائم ڪيو ويو.
امدادي ڪيمپ تي درجنين مستحق خاندانن ۾ راشن جا ٿيلا ، پيئڻ جو صاف پاڻي ،واٽر ڪولر ۽ ٻيون ضروري شيون تقسيم ڪيون ويون.
ٿر؛11 نومبر2014
           ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي هدايت تي  ٿر ۾ امدادي سرگرمين جي ٽئين ڏينهن به ٿر جي تعلقن ڇاڇرو ۽ مٺي ۾ ميڊيڪل ۽ امدادي ڪيمپ قائم ڪيا ويا. جتي ڪي ڪي ايف جي ڊاڪٽرن سوين مريضن جو معائنو ڪري انهن کي دوائون فراهم ڪيون ۽ وبائي مرضن کان بچڻ جي لاءِ ضرروي مشورا به ڏنا. ان کان علاوه امدادي ڪيمپ تي راشن جا ٿيلا جن ۾ اٽو، چانور، کير، دالون،گيھ، تيل، لوڻ ، مرچ ، چانھ جي پتي ۽ ٻيون ضروري شيون انهن ۾ ورهايون . ان موقعي تي ايم ڪيو ايم جي وفد ميڊيڪل ۽ امدادي ڪيمپن جو دورو به ڪيو ۽ اتي موجود ميڊيڪل ايڊ ڪميٽي جي ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل جي اسٽاف سان ملاقات ڪئي.وفد ۾ رابطا ڪميٽي ميمبر عبدالحسيب، اشفاق منگي، افتخار اڪبر رنڌاوا ۽ ٻيا به شامل هئا.وفد متاثرن سان ملاقات ڪري انهن کي هر ممڪن تعاون جو يقين ڏياريو. ان موقعي تي طبي ۽ امدادي سامان فراهم ڪرڻ تي متاثرن جناب الطاف حسين جو شڪريو ادا ڪندي انهن جي لاءِ وڏي عمر ۽ صحت و تندرستي جي لاءِ خصوصي دعائون به ڪيون.

7/17/2024 8:18:35 PM