Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

حق ۽ سچ چوڻ وارا عالم سڳورا ۽ بزرگ اسان جي مٿي جا تاج آهن، اسان جي دلين ۾ انهن جي تمام گهڻي عزت آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


حق ۽ سچ چوڻ وارا عالم سڳورا ۽ بزرگ اسان جي مٿي جا تاج آهن، اسان جي دلين ۾ انهن جي تمام گهڻي عزت آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 10/26/2014
حق ۽ سچ چوڻ وارا عالم سڳورا ۽ بزرگ اسان جي مٿي جا تاج آهن، اسان جي دلين ۾ انهن جي تمام گهڻي عزت آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
ايم ڪيو ايم فرقي وارانه هم آهنگي ۽ مذهبي رواداري جي قيام جي لاءِ پهرين ڏينهن کان ئي ڪوششون ڪري رهي آهي، جيڪا ڪنهن کان به لڪيل نه آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي ممتاز عالم دين علامه علي ڪرار نقوي سان فون تي ڳالھ ٻولھ.
لنڊن؛26 آڪٽوبر2014
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ڪنهن به مصلحت کان سواءِ حق ۽ سچ چوڻ وارا عالم سڳورا ۽ بزرگ اسان جي مٿي جا تاج آهن ۽ اسان جي دلين ۾ انهن جي تمام گهڻي عزت آهي. انهن اها ڳالھ ممتاز عالم دين علامه علي ڪرار نقوي سان فون تي ڳالھ ٻولھ ڪندي فرمائي. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم فرقي وارانه هم آهنگي ۽ مذهبي رواداري جي قيام جي لاءِ پهرين ڏينهن کان ئي ڪوششون ڪري رهي آهي جيڪا ڪنهن کان به لڪيل نه آهي. علامه علي ڪرار نقوي اتحاد بين المسلمين ۽ فرقي وارانه هم آهنگي جي فروغ جي سلسلي ۾ جناب الطاف حسين جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته تمام مڪاتب فڪر سان تعلق رکڻ وارا عالم سڳورا ۽ عوام ان حقيقت جو واضع طور تي اعتراف ڪن ٿا ته ايم ڪيو ايم جي قيام اڳ ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻين شهري علائقن ۾ فرقي وارانه فسادن ۽ قتل و غارتگري  جو سلسلو جاري هو ۽ هڪ سازش جي تحت عوام کي پاڻ ۾ ويڙهايو ويندو هو پر اوهان ۽ اوهان جي جماعت ايم ڪيو ايم مثالي ڪوششون ڪري ان فرقي وارانه قتل و غارتگري جي سلسلي کي بند ڪرايو.علام علي ڪرار نقوي جناب الطاف حسين کي چيو ته اوهان مذهبي رواداري ، فرقي وارانه هم آهنگي ، ملڪ ۾ نظام جي تبديلي ۽ عوام کي هيٺين سطح تي اقتدار ۽ اختيار منتقل ڪرڻ ۽ حق ڏيارڻ جي لاءِ جيڪا جدوجهد ڪري رهيا آهيو ان ۾ عالم سڳورا به اوهان سان گڏ آهن. جناب الطاف حسين فرقي وارانه هم آهنگي جي سلسلي ۾ علامه علي ڪرار نقوي جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ چيو ته اوهان جهڙا حق پرست ۽ ڪنهن به مصلحت کي هڪ پاسي رکي ڪري  حق ۽ سچ چوڻ وارا عالم سڳورا ۽ بزرگ اسان جي مٿي جا تاج آهن ۽ اسان جي دلين ۾ انهن جي تمام گهڻي عزت آهي. جناب الطاف حسين علامه علي ڪرار نقوي جي وڏي عمر جي لاءِ دعا به ڪئي.

7/17/2024 11:46:10 PM