Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

محرم شريف کان پوءِ 20 صوبا ٺاهڻ جي تحريڪ هلائينداسين، هجرت عظيم سنت آهي ۽ ان تي عمل ڪرڻ وارو مهاجر چورائي ٿو. ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي.


محرم شريف کان پوءِ 20 صوبا ٺاهڻ جي تحريڪ هلائينداسين، هجرت عظيم سنت آهي ۽ ان تي عمل ڪرڻ وارو مهاجر چورائي ٿو. ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي.
 Posted on: 10/26/2014
محرم شريف کان پوءِ 20 صوبا ٺاهڻ جي تحريڪ هلائينداسين، هجرت عظيم سنت آهي ۽ ان تي عمل ڪرڻ وارو مهاجر چورائي ٿو. ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي.
عظيم سنتِ رسول پاڪ صلي الله عليه وسلم جي تحقير ۽ توهين ڪئي وئي آهي ۽ ان کي تعصب جي ذريعي پامال ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر فاروق ستار.
لفظ مهاجر کي گار سمجهڻ تي سکر جي رڻ پٽ کان اڀرندڙ خورشيد ڪراچي جي عوامي سمنڊ ۾ غرق ٿي ويو آهي. حيدرعباس رضوي.
ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام شاهراھ قائدين تي خورشيد شاھ  جي طرفان لفظ مهاجر جي توهين ۽ تحقير جي خلاف منعقد ٿيندڙ عظيم الشان احتجاجي مظاهري کي خطاب.
ڪراچي؛26 آڪٽوبر2014
          متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته هجرت عظيم سنت آهي ۽ ان تي عمل ڪرڻ وارو مهاجر چورائي ٿو ۽ نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم کان وٺي ڪري اڄ تائين جنهن به ڪنهن مقصد ۽ مشن جي تحت پنهنجو گهر بار ۽ علائقو ڇڏيو آهي اهو مهاجر چورائي ٿو. اهو ڄاڻي وٺجي ته پناھ وٺندڙن ۽ مهاجرن ۾ وڏو فرق آهي. محرم شريف کان پوءِ 20 صوبا ٺاهڻ جي تحريڪ هلائينداسين. انهن خيالن جو اظهار انهن شاهراھ قائدين تي خورشيد جي طرفان لفظ مهاجر جي توهين ۽ تحقير جي خلاف منعقد ڪيل هڪ عظيم الشان مظاهري کي خطاب ڪندي ڪيو.مظاهري ۾ عوام 18 ڪلاڪن جي نوٽس تي لکن جي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ۽ توهين رسالت صلي الله عليه وسلم ۽ لفظ مهاجر جي بي حرمتي جي خلاف زبردست نعري بازي ڪئي. مظاهري جي شرڪاء کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو ته هاڻي هڪ طرف ته عاشقان رسول صلي الله عليه وسلم آهن ۽ ٻئي طرف گستاخ رسول صلي الله عليه وسلم آهي. هڪ امتين جو سمنڊ آهي ۽ ٻئي طرف لعنتي آهن. انهن چيو ته اڄ اهو چيو پيو وڃي ته ايم ڪيو ايم جيڪا پاڻ لبرل ۽ پروگريسو تنظيم آهي اڄ مذهب جو سهارو وٺي رهي آهي، انتها پسند جماعت بڻجندي نظر اچي رهي آهي. اسان انهن کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته جڏهن معاملو ناموس رسالت صلي الله عليه وسلم جو هجي ته اسان وٽ احتجاج ئي نظر ايندو. انهن چيو ته اڄ جو مهاجر پنهنجي حصي جو پاڪستان بڻائي چڪو هو ۽ مهاجر جي دل ته ڏسو ته اهو اتي اسلام جي نالي تي ملڪ بڻائي رهيو هو جتي اهو پاڻ رهي ئي نه پيو، ڇا انساني تاريخ ۾ اهڙي قرباني ۽ عمل ڏٺو ويو آهي. اسان پنهنجو پاڪستان پنهنجن مٿن ۽ ڪلهن تي کڻي ڪري آيا هئاسين.اسان متروڪه سنڌ جا ئي مالڪ نه آهيون بلڪه اسان کي پاڪستان جو مالڪ به سمجهڻ گهرجي ها. انهن چيو ته هندستان جي تقسيم کان پهرين اهو طئي ٿي چڪو هو ته اهي علائقا جتي پاڪستان ٺهڻو آهي اتان هجرت ڪندڙ هندو پنهنجي ڪائي به جائيداد وڪڻي نه ٿا سگهن ۽ نه ڪنهن جي نالي منقتل ڪري سگهن پيا ،اهڙي طرح هندستان کان جيڪي هجرت ڪري آيا هئا اهي به پنهنجيون جائيدادون قانون جي مطابق وڪڻي ۽ منتقل نه پيا ڪري سگهن. پاڪستان بڻجڻ کان پهرين سنڌ جي زرعي زمين جو 80 سيڪڙو هندن وٽ هو. اڄ جاگيردارن وٽ جيڪي زرعي زمينون آهن انهن جا مالڪ به اسان آهيون. پر اسان پاڪستان  جي خاطر هر طرح جي قرباني ڏني. اسان جا ابا ڏاڏا ته اسلام ۽ پاڪستان جي نشي ۾ چُور هئا.اهي پنهنجي لاءِ ته ڪجھ به نه پيا چاهين، اسان نه ته ڪڏهن به زمينن ۽ جائيدادن جي لاءِ توهان سان جهيڙو ڪيو آهي ۽ نه ئي جنگ ڪئي آهي پر ڳالھ نظرياتي اصولن تي ايندي ته پوءِ جنگ به ٿيندي.ڊاڪٽر فاروق ستار مظاهري کي خطاب ڪندي چيو ته اڄ پهرين محرم شريف آهي ۽ ايم ڪيو ايم اهو احتجاجي مظاهرو هڪ عظيم مقصد جي لاءِ ڪيو آهي، امام عالي مقام حضرت امام حسين پهرين محرم شريف تي سفر ۾ هئا ۽ 2 محرم شريف تي ڪربلا ۾ پهتا، ڪربلا پهچڻ جو مقصد  نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جي ڏهٽي هجڻ جو حق ادا ڪرڻ هو ۽ اسان جي احتجاج جو مقصد به ناموسِ رسالت صلي الله عليه وسلم کي قائم ڪرڻ آهي. انهن چيو ته اڄ هڪ عظيم سنت مبارڪ جي توهين ڪئي وئي آهي ۽ ان کي تعصب جي ذريعي پامال ڪيو ويو آهي جنهن کي بحال ڪرڻ جي لاءِ اسان هتي جمع ٿيا آهيون.رابطا ڪميٽي ميمبر حيدرعباس رضوي چيو ته 18 ڪلاڪن ۾ لکين ماڻهن جو سمنڊ ان ڳالھ جو ثبوت آهي ته لفظ مهاجر کي گار سمجهڻ تي سکر جي رڻ پٽ کان اڀرندڙ خورشيد اڄ ڪراچي جي عوامي سمنڊ ۾ غرق ٿي ويو آهي.انهن چيو  ته اهو ڪو باغ جناح جو جلسو نه آهي جو ماڻهن کي زوري گهرايو وڃي ۽ ان جي لاءِ مهينو اڳ ڪوشش ڪئي وڃي. اهو مهاجرن جو جلسو آهي، انهن  چيو ته اهو آهي عوامي احتجاج جيڪو مهاجر لفظ کي گار ڏيڻ تي صرف ڪراچي جي عوام 18 ڪلاڪن جي نوٽس تي ڪيو آهي. ڪاش اسان وٽ به 2 ارب روپيا هجن ها ته اهي پوري پاڪستان ۾ خرچ ڪريون ها ۽ ريلن ۽ بسن جي ذريعي ماڻهن کي گهرايون ها ته ڪراچي جا روڊ به ڀرجي وڃن هاپر اسان ڇا ڪريون اسان جاگيرادر ۽ وڏيرا نه آهيون، پر اها حقيقت آهي ته اسان جي دولت عوام آهي جيڪو هتي موجود آهي. انهن خورشيد شاھ کي مخاطب ڪندي چيو ته اوهان جي طرفان اهي دليل پيش ڪيا پيا وڃن ته مان ته مهاجر لفظ  کي چيو آهي ته مان اهو ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته هن ڪائنات ۾ انساني تاريخ صرف ٻه اهڙيون رياستون ڏٺيون آهن جيڪي اسلام جي نالي تي  مسلمانن جي لاءِ وجود ۾ آيون. پهرين اسلامي رياست مدينو شريف آهي جتي نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم مڪي شريف کان هجرت ڪئي ۽ ٻئي رياست پاڪستان آهي.مظاهري کي رئوف صديقي ۽ هير سوهو به خطاب ڪيو.
*

7/17/2024 11:51:35 PM