جناب الطاف حسين جي هدايت تي محرم شريف جي دوران مذهبي رواداري ۽ فرقي وارانه هم آهنگي کي برقرار رکڻ جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي وفد جي مخلتف مڪاتب فڪر جي عالمن سڳورن سان ملاقات.
ڪراچي؛ 27 آڪٽوبر2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي هدايت تي محرم شريف ۾ مذهبي رواداري ۽ فرقي وارانه هم آهنگي کي برقرار رکڻ جي لاءِ رابطا ڪميٽي ميمبر احمد سليم صديقي سان گڏجي وفد معروف عالم دين مولانا اسد ديوبندي ۽ علامه علي ڪرار نقوي سان الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون ۽ انهن کي جناب الطاف حسين جو خصوصي پيغام پهچايو. وفد ۾ اسيمبلي ميمبر اقبال محمد علي ،متحده علماء ڪميٽي جو انچارج جاويد احمد ۽ ٻيا به موجود هئا.ان موقعي تي ڳالھ ٻولھ ڪندي احمد سليم صديقي چيو ته امن دشمن ماڻهو هڪ سوچيل سمجهيل سازش جي تحت شهر ۾ فرقي واريت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ معصوم ۽ بي گناھ ماڻهن کي دهشت گردي جو نشانو بڻائي رهيا آهن. ان جي ڪري اسان تي وڏي ذميواري عائد ٿئي ٿي ته اسان محرم شريف ۾ ڀائي چاري جي فروغ جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪريون.انهن تمام مڪاتب فڪر جي عالمن سڳورن ۽ عوام کي اپيل ڪئي ته اهي محرم شريف ۾ فرقي وارانه هم آهنگي ۽ ڀائي چاري جي فروغ جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن.ان موقعي تي مولانا اسد ديوبندي ۽ علامه علي ڪرار نقوي شهر ۾ ڀائي چاري جي فروغ ۽ فرقي وارانه هم آهنگي کي برقرار رکڻ جي لاءِ جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪاوشن کي ساراهيندي پنهنجي هر ممڪن تعاون جو يقين ڏياريو. ان کان پوءِ انهن فرقي وارانه دهشت گردي جي وارداتن ۾ شهيد ٿيندڙ تمام شهيدن جي مغفرت، انهن جي درجات جي بلندي، فرقي واريت جي خاتمي ۽ محرم شريف ۾ امن و امان جي قيام سميت قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي وڏي عمر جي لاءِ خصوصي دعائون به ڪيون.