Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

عبدالستار ايڌي جي رهائشگاھ ۽ ايڌي سينٽر ۾ ڌاڙي جي وارڌات تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.


 Posted on: 10/19/2014
عبدالستار ايڌي جي رهائشگاھ ۽ ايڌي سينٽر ۾ ڌاڙي جي وارڌات تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
ڪراچي؛ 19 آڪٽوبر 2014
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي بين الاقوامي سماجي رهنما جي رهائشگاھ ۽ ايڌي سينٽر ۾ ڌاڙي جي وارڌات جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته ڌاڙي جي ان وارڌات قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي ڪارڪردگي جو  هڪ ڀيرو وري پول کولي ڇڏيو آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ميٺا در کارا در ۾ ايڌي سينٽر ۽ عبدالستار ايڌي جي رهائشگاھ تي چورن جي طرفان وڏي دليري سان وارڌات ڪرڻ ۽ انهن جي اسٽاف کي يرغمال بڻائي ڪري ڪروڙين روپيا ۽ ڪروڙن جو سون لٽي ڪري آرام سان فرار ٿيڻ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي ڪارڪردگي تي هڪ وڏو سواليه نشان آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته شهر ۾ جڏهن عبدالستارايڌي جهڙي بين الاقوامي سماجي شخصيت ۽ انهن جو ادارو محفوظ نه آهي ته عام شهرين جي جان و مال جي تحفظ جو اندازو هر شخص چڱي نموني لڳائي سگهي ٿو.رابطا ڪميٽي عبدالستار ايڌي ۽ انهن جي اسٽاف سان دلي همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته ان وارڌات ۾ جيڪي به ڏوهاري عناصر ملوث آهن اهي ڏکايل انسانيت جي خدمت جي جذبي کان بلڪل عاري آهن. رابطا ڪميٽي گورنر سنڌ داڪٽر عشرت العباد ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته اهي ان وارڌات ۾ ملوث ڏوهارين کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ شهرين جي جان و مال جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي.

7/17/2024 8:42:02 PM