Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پاڪستان کي بچائڻ ۽ ان جي سلامتي ،ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ جيڪڏهن حقيقت ۾ڪائي اميد آهي ته اها متحده قومي موومينٽ آهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


 Posted on: 10/5/2014
پاڪستان کي بچائڻ ۽ ان جي سلامتي ،ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ جيڪڏهن حقيقت ۾ڪائي اميد آهي ته اها متحده قومي موومينٽ آهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
انشاء الله تعالٰي ايندڙ وقت ۾ پوري پنجاب ۾ هڪ ئي نعرو گونجندو ته مظلومن جي سڃاڻ  ايم ڪيو ايم آهي.
اسلام آباد ۾ ايم ڪيو ايم اپرپنجاب جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن سان فون تي ڳالھ ٻولھ.
لنڊن؛5 آڪٽوبر2014
          متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته پاڪستان کي بچائڻ ۽ ان جي سلامتي ، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ جيڪڏهن حقيقت ۾ ڪائي اميد آهي ته اها متحده قومي موومينٽ آهي. انهن اها ڳالھ اڄ اسلام آباد ۾ ايم ڪيو ايم اپر پنجاب جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن سان فون تي ڳالھ ٻولھ ڪندي فرمائي.ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر ميان عتيق به موجود هئا.جن کي حال ئي ۾ ايم ڪيو ايم پنجاب جو صدر مقرر ڪيو ويو آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته ميان عتيق کي پهرين سينٽرل ايگزيڪٽو ڪائونسل ۽ پوءِ رابطا ڪميٽي جو ميمبر بڻايو ويو ۽ انهن جي صلاحيتن کي ڏسندي هاڻي انهن کي پوري پنجاب جو صدر مقرر ڪيو ويو آهي. انهن دعا فرمائي ته الله سائين ڪري ميان عتيق هڪ ڪارڪن جي حيثيت سان هميشه عملي ڪم ڪندا ۽ پنهنجي عمل ، ڪردار، محنت ۽ لگن سان ۽ نيڪ نيتي سان اهڙي طرح تنظيمي ڪم کي اڳتي وڌائيندا جو انشاء الله تعالٰي ايندڙ وقت ۾ پوري پنجاب ۾ هڪ ئي نعرو گونجندو ته مظلومن جي
سڃاڻ متحده قومي موومينٽ آهي.انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سلامتي ۽ بقا جي ضامن آهي اها پاڪستان کي ترقي جي منزلن تي پهچائيندي ۽ غريب مزدورن جي مسئلن کي عملي طور تي حل ڪري ڏيکاريندي ۽ پاڪستان کي قائد اعظم ۽ علامه اقبال جي خوابن جي تعبير بڻائي ڪري ڏيکاريندي.جناب الطاف حسين ان موقعي تي موجود ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي عيد الاضحٰي جي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ دعا ڪئي ته الله سائين ڪري اها عيد پاڪستان جي لاءِ سٺو سَوَڻ ثابت ٿئي. ملڪ کان فرسوده جاگيرداراڻه نظام، غريب ۽ مظلوم عوام جي محرومي جي خاتمي جي خوشخبري ثابت ٿئي. جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم اپر پنجاب جي ذميوارن کي فرمايو ته اهي عيد جي موقعي تي ڪي ڪي ايف جي لاءِ قرباني جون کلون جمع ڪرڻ جي سلسلي ۾ مربوط نظام تشڪيل ڏين ۽ ماڻهن کي اپيل ڪن ته اهي قرباني جون کلون ڪي ڪي ايف کي ڏين. ان موقعي تي ايم ڪيو ايم پنجاب جي صدر ميان عتيق ۽ اپر پنجاب جي ٻين ذميوارن به جناب الطاف حسين کي عيد جي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ انهن کي يقين ڏياريو ته اهي پنجاب ۾ تحريڪ جي پيغام کي ڦيلائڻ ۽ وڌائڻ جي لاءِ محنت ۽ لگن سان ڪم ڪندا ۽ پنجاب ۾ ايم ڪيو ايم کي مظبوط ڪندا

7/18/2024 1:31:07 AM