سڄي دنيا خصوصن سنڌ جا تمام ذميوار، ڪارڪنَ، همدرد، تمام ونگز ۽ شعبا پنهنجن پنهنجن لاڳاپيل يونٽن، سيڪٽرن ۽ زونل آفيسن کان هڪ فارم وصول ڪري پنهنجن مڪمل ڪوائفن سان گڏ جمع ڪرائين. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي ڪارڪنن کي هدايت.
فارم ايم ڪيو ايم جي مرڪز 90 کان 24 ڪلاڪن ۾ ڪنهن به وقت حاصل ڪري سگهجي ٿو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 14 سيپٽمبر؛2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پاڪستان سميت سڄي دنيا جي ڪارڪنن خصوصن سنڌ جي تمام ذميوارن، ڪارڪنن ۽ همدردن سميت تمام ونگز ۽ شعبن جي ميمبرن کي چيو آهي ته اهي پنهنجن پنهنجن لاڳاپيل يونٽن، سيڪٽرن ۽ زونن مان فارم 18 سيپٽمبر کان حاصل ڪري سگهن ٿا.جڏهن ته اهي فارم نائن زيرو کان 24 ڪلاڪن ۾ ڪنهن به وقت حاصل ڪري سگهجن ٿا.فارم سان گڏ هڪ فاسپورٽ سائيز فوٽو، شناختي ڪارڊ جي ڪاپي ۽ جن وٽ تعليمي ڊگريون هجن اهي انهن ڊگرين جون فوٽو ڪاپيون به فارم سان گڏ لڳائن.انهن فرمايو ته تمام ڪارڪنَ 25 سيپٽمبر تائين اهي ڀريل فارم لاڳاپيل يونٽن ۽ مرڪز تي جمع ڪرائي سگهن ٿا.فارم کي صاف رکيو وڃي ۽ سٺن اکرن سان ڀريو وڃي.