Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

جمهوري نظام ۾عوام کي سياسي ، معاشي، ثقافتي ۽ مذهبي اصولن جي مطابق زندگي گذارڻ جي آزادي حاصل هوندي آهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


 Posted on: 9/14/2014
جمهوري نظام ۾عوام کي سياسي ، معاشي، ثقافتي ۽ مذهبي اصولن جي مطابق زندگي گذارڻ جي آزادي حاصل هوندي آهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
جمهوري نظام ۾ ملڪ جي تمام شهرين جو قومي وسيلن تي برابر جو حق هوندو آهي.
عالمي يوم جمهوريت تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جو خصوصي پيغام.
لنڊن؛ 14 سيپٽمبر؛2014
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين عالمي يوم جمهوريت تي پنهنجي هڪ خصوصي پيغام ۾ چيو آهي ته جمهوريت هڪ اهڙو نظام آهي جنهن ۾ معاشري جي تمام شهرين کي پنهنجي سياسي، معاشي، ثقافتي، سماجي ۽ مذهبي طور طريقن جي مطابق زندگي گذارڻ جي مڪمل آزادي حاصل هوندي آهي ۽ قومي وسيلن تي معاشري جي تمام ماڻهن جو برابر حق هوندو آهي ، پر بدقسمتي سان گذريل 67 سالن کان اسان جي ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت نافذ نه ٿي سگهي آهي.ان عرصي ۾ جمهوريت جو راڳ الاپڻ وارين حڪومتن عوام جا بنيادي مسئلا حل ڪرڻ ڏانهن ڪا خاص توجه نه ڏني آهي ۽ جمهوريت جي نرسري چورائڻ وارين مڪاني حڪومتن جي نظام کي ڪڏهن نافذ ئي نه ڪيو آهي.ان جي ڪري ملڪ ۾ هيٺين سطح تائين جمهوريت جا ثمرات اڄ تائين منتقل نه ٿي سگهيا آهن ۽ پاڪستان جي ڪنڊ ڪنڊ ۾ عوام غربت ۽ تنگدستي جو شڪار ٿيندا پيا وڃن.انهن فرمايو ته صرف چند خاندانن ، جاگيردارن، وڏيرن ۽ ڪرپٽ سرمائيدارن ملڪ جي 98 سيڪڙو غريبن تي پنهنجو ڏاڍ قائم ڪري ان تسلط کي جمهوريت جو نالو ڏيئي رکيو آهي جڏهن ته اسان جي دين اسلام به معاشري جي تمام ماڻهن کي حق فراهم ڪرڻ جي تعليمات ڏني آهي پر اسان جا حڪمران پنهنجن مفادن جي خاطر اسلامي تعليمات جي به غلط تشريح ڪري ملڪ جي مظلوم ماڻهن جا حقَ غضب ڪندا پيا اچن.انهن ملڪ جي موجوده صورتحال جو تذڪرو ڪندي فرمايو ته اڄ پاڪستان معاشي ، سياسي، سماجي، مذهبي، ثقافتي ۽ بين الاقوامي تعلقاتن جي سطح تي اڪيلو ٿيندو پيو وڃي. جناب الطاف حسين فرمايو ته اسان جي ملڪ ۾ جمهوريت جي نالي تي عوام سان مذاق جو اهو سلسلو اڄ اسان کي ان هنڌ تي وٺي آيو آهي جتي اسان وٽ واپسي جي اميد تمام گهٽ آهي،انهن فرمايو  ته ملڪ جي موجوده خراب صورتحال ان جي ڳالھ جي تقاضا ڪري ٿي ته ملڪ ۾ حقيقي جهموريت جو نظام نافذ ڪري غريبن ۽ مظلومن کي بنيادي سهولتون انهن جي دروازن تائين پهچايون وڃن.امير ۽ غريب جو فرق ختم ڪري تمام پاڪستانين کي زندگي جون  بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن ۽ غريب ۽ وچولي طبقي جي تعليم يافته ماڻهن خصوصن نوجوانن کي قومي سياست جو حصو بڻائي ڪري انهن کي پنهنجي ملڪ جي لاءِ بهتر فيصلا ڪرڻ جو اختيار ڏنو وڃي.
*****


7/18/2024 4:39:02 AM