Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ڪارڪنن جي پرزور اصرار تي قيادت کان دستبرداري جو فيصلو واپس وٺي ڇڏيو.


 Posted on: 9/14/2014
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ڪارڪنن جي پرزور اصرار تي قيادت کان دستبرداري جو فيصلو واپس وٺي ڇڏيو.
واضع رهي ته جناب الطاف حسين ذميوارن جي طرفان پنهنجين ذميوارين ۾ غفلت جي ڪري ايم ڪيو ايم جي قيادت کان دستبرداري جو اعلان ڪيو هو.
جيڪڏهن منهنجي قيادت ۾ ڪرڻ چاهيو ٿا ته پوءِ 1978 جي سينيئر ڪارڪنن کي سامهون اچڻو پوندو ۽ ميرٽ جي بنياد تي هر سيڪٽر مان گهٽ ۾ گهٽ ٽن ساٿين جا نالا ڏيڻا پوندا.
اهڙن ساٿين جا انٽرويو ڪري انهن کي رابطا ڪميٽي ۾ شامل ڪيو ويندو.
ڇنڇر ۽ آچر جي رات جو نائن زيرو تي ڪارڪنن جي اجلاس سان ٽيليفونڪ خطاب.
لنڊن؛ 14 سيپٽمبر؛2014
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ڪارڪنن جي پرزور اصرار تي ايم ڪيو ايم جي قيادت کان دستبرداري جو فيصلو واپس وٽي ڇڏيو. ان کان اڳ جناب الطاف حسين رابطا ڪميٽي سميت تحريڪ جي ٻين ذميوارن جي غير تنظيمي طرز عمل ۽ پنهنجين ذميوارين کان مسلسل غفلت جي ڪري ايم ڪيو ايم جي قيادت کان دستبرداري جو اعلان ڪري ڇڏيو هو، جنهن تي رات جو دير سان نائن زيرو تي ڪارڪنن جي وڏي تعداد جمع ٿي وئي. اهي ڪارڪن جناب الطاف حسين جي حق ۾ وڏا نعرا هڻي رهيا هئا ۽ جناب الطاف حسين کان فيصلو واپس وٺڻ جو اصرار ڪري رهيا هئا. ان موقعي تي گهڻائي ڪارڪنَ زار و قطار روئي رهيا هئا ۽ جناب الطاف حسين سان پنهنجي بي پناھ محبت جو اظهار ڪري رهيا هئا. ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڪارڪنن جي ميڙاڪن کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي جناب الطاف حسين ڪارڪنن جي بيحد اصرار تي قيادت کان دستبرداري جو فيصلو واپس وٺندي فرمايو ته جيڪڏهن اوهان منهنجي قيادت ۾ ڪم ڪرڻ چاهيو ٿا ته پوءِ مان موجوده رابطا ڪميٽي کي آخري چانس ڏيان ٿو پر هاڻي 1978 جي سينيئر ڪارڪنن کي سامهون اچڻو پوندو ۽ ميرٽ جي بنياد تي هر سيڪٽر کان گهٽ ۾ گهٽ ٽن ساٿين جا نالا ڏيڻا پوندا جيڪي تعليم يافته، باصلاحيت ۽ ايماندار هجن ۽ ڪنهن به قسم جي برائين ۾ ملوث نه هجن. اهڙن ساٿين جا انٽرويو ڪري انهن کي رابطا ڪميٽي ۾ شامل ڪيو ويندو، جڏهن صاف سٿرن، محنتي، بهادر ۽ ايماندار ڪارڪنن جي تعداد وڌيڪ ٿي ويندي ته پوءِ فرضن ۾ غفلت ڪرڻ وارن رابطا ڪميٽي جي ميمبرن کي انهن جي علائقن ۾ واپس موڪليو ويندو.جناب الطاف حسين فرمايو ته هاڻي تحريڪ جي سينيئر ۽ مخلص ڪارڪنن جي ذميواري آهي ته اهي مون کي يقين ڏيارين ته جيڪا به رابطا ڪميٽي تشڪيل ڏني وڃي اها ميرٽ جي بنياد تي بڻائي وڃي ۽ جيڪڏهن اها مون کي سک نه ٿي ڏيئي سگهي ته گهٽ ۾ گهٽ مون کي ڏک به نه پهچائي.جناب الطاف حسين فرمايو ته ٺيڪ آهي ته اڄ مان آخري دفعو اوهان جي ڳالھ کي مڃي ڪري قيادت کان دستبرداري جو فيصلو واپس وٺان ٿو. جنهن تي ميڙاڪن ۾ شريڪ ڪارڪنن وڏا نعرا هنيا جنهن جو سلسلو ڪافي دير تائين جاري رهيو.
*

7/18/2024 1:32:53 AM