Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سنڌي قوم پرست مهاجرن کي احتجاج جون ڌمڪيون ڏيڻ کان پاسو ڪن.ايم ڪيو ايم سنڌ تنظيمي ڪميٽي.


 Posted on: 9/14/2014
سنڌي قوم پرست مهاجرن کي احتجاج جون ڌمڪيون ڏيڻ کان پاسو ڪن.ايم ڪيو ايم سنڌ تنظيمي ڪميٽي.
مهاجر سنڌ ڌرتي جي تقسيم نه ٿا چاهين پر نام نهاد قوم پرست تعصب وارو رويو اختيار ڪري مهاجرن کي سنڌ ڌرتي جي تقسيم ڏانهن ڌڪي رهيا آهن.
سنڌ ترقي پسند پارٽي جي قائم مقام چيئرمين جام عبدالفتح سميجو جي بيان تي ايم ڪيو ايم جي سنڌ تنظيمي ڪميٽي جو تبصرو.
ڪراچي؛ 14 سيپٽمبر؛2014
            ايم ڪيو ايم جي سنڌ تنظيمي ڪميٽي جي ميمبرن چيو آهي ته نام نهاد قوم پرست سنڌ ڌرتي جي مهاجر پٽن کي احتجاج جون ڌمڪيون ڏيڻ کان پاسو ڪن. پنهنجي هڪ گڏيل بيان ۾ انهن سنڌ ترقي پسند پارٽي جي قائم مقام چيئرمين جام عبدالفتح سميجو جي بيان تي تبصرو ڪندي انهن چيو ته نام نهاد سنڌي قوم پرست سنڌ جي مهاجر وزير اعلٰي کي قبول ڪري ثابت ڪن ته سنڌ ۾ سالن کان رهندڙ سنڌ ڌرتي جا پٽ آهن. انهن چيو ته سنڌ ۾ رهندڙ مهاجر سنڌ ڌرتي جي تقسيم نه ٿا چاهين پر نام نهاد قوم پرست تعصب وارو رويو اختيار ڪري مهاجرن کي سنڌ ڌرتي جي تقسيم ڏانهن ڌڪي رهيا آهن. سنڌ تنظيمي ڪميٽي چيو ته سنڌ صوبي جي انتظامي بنيادن تي تقسيم جي حوالي سان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو بيان حقيقتن تي ٻڌل آهي. جيڪڏهن نام نهاد قوم پرستن جي طرفان سنڌ ڌرتي جي ڪروڙين مهاجرن سان تعصب وارو رويو تبديل نه ڪيو ويو ته انتظامي بنيادن تي سنڌ ڌرتي جي تقسيم بلڪل فطري هوندي.
***

7/18/2024 4:03:27 AM