Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

دهشت گردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج سان تعاون ڪرڻ جي سڀني کان وڌيڪ پيشڪش مان ڪئي پر ان جي باوجود اسان جي حب الوطني تي شڪ ڪيو وڃي ٿو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


 Posted on: 9/14/2014
دهشت گردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج سان تعاون ڪرڻ جي سڀني کان وڌيڪ پيشڪش مان ڪئي پر ان جي باوجود اسان جي حب الوطني تي شڪ ڪيو وڃي ٿو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
اسان جي بزرگن پاڪستان ٺاهيو، جيڪڏهن اسان محب وطن نه آهيون ته پوءِ ڪوئي به محب وطن نه آهي.
آخر اردو ڳالهائڻ وارو سنڌ جو وزير اعلٰي ڇو نه ٿو ٿي سگهي؟ ڇا مهاجر سنڌ جا پٽ نه آهن؟
وقت اچي ويو آهي ته هاڻي ان ڳالھ کي طئي ڪيو وڃي ، ڪوئي اصول وضع ڪيو وڃي ته سنڌي ۽ مهاجر ٽرم بائي ٽرم سنڌ جا وزير اعلٰي بڻجن،جيڪڏهن اوهان اهو نه ٿا مڃو ته پوءِ انتظامي بنيادن تي سنڌ جي تقسيم ڪري ڇڏيو.
ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو ۽ مختلف زونن تي جمع ٿيندڙ ڪارڪنن کي ٽيليفونڪ خطاب.
لنڊن؛14 سيپٽمبر؛2014
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته دهشت گردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي فوج سان تعاون ڪرڻ جي سڀني کان وڌيڪ پيشڪش مان ڪئي ۽ فوج جي لاءِ هرموقعي تي سڀني کان سٺا لفظ به مان ادا ڪيا پر ان جي باوجود اسان جي حب الوطني تي شڪ ڪيو  وڃي ٿو. اسان جي بزرگن پاڪستان ٺاهي۽ پاڪستان بڻائڻ جي لاءِ لکين جانين جو نذرانو پيش ڪيو. جيڪڏهن اسان محب وطن نه آهيون ته پوءِ پاڪستان ۾ ڪوئي به محب وطن نه آهي.سابق صدر جنرل پرويز مشرف جي خلاف غداري جو مقدمو نفرت ۽ تعصب تي ٻڌل آهي . جيڪڏهن جنرل پرويز مشرف تي مقدمو هلائڻو آهي ته پوءِ 12 آڪٽوبر 1999 تي نواز شريف جو تختو اونڌو ڪرڻ وارن جرنلن تي به مقدمو هلايو وڃي.انهن خيالن جو اظهار انهن آچر جي صبح ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو ۽ مختلف زونن تي جمع ٿيندڙ ڪارڪنن سان ٽيليفونڪ خطاب ڪندي فرمايو.اهي ڪارڪنَ جناب الطاف حسين جي طرفان تحريڪ جي قيادت کان دستبرداري جي اعلان جي خبر ٻڌندي ئي پنهنجي ڳڻتي جو اظهار ڪرڻ جي لاءِ جمع ٿيا هئا.ان موقعي تي ڪارڪنن جو جوش ۽ جذبو ڏسڻ وٽان هو. ڪارڪنن جناب الطاف حسين جي حق ۾ زبردست نعرا هنيا ۽ انهن سان پنهنجي بي پناھ عقيدت ۽ محبت جو اظهار ڪيو.جناب الطاف حسين پنهنجي خطاب ۾ فرمايو ته پوري دنيا ڄاڻي ٿي ته الله تعالٰي جي فضل و ڪرم سان ايم ڪيو ايم ۾ ڪارڪنن ۽ قائد جو رشتو جيترو مظبوط ۽ مستحڪم آهي اهڙو رشتو ڪٿي به ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي.انهن فرمايو ته مان هميشه ڪارڪنن جي مشوري سان ئي ايم اين ايز، ايم پي ايز، سينيٽرَ، ڪائونسلر،يوسي ناظم، ٽائون ناظم، نائب ناظم يا ميئر بڻايا.مان پاڪستان جو واحد شخص آهيان جيڪو ڪروڙين ماڻهن جو قائد به آهي.منهنجي خاندان جي قربانين سان تحريڪ جا سڀ ماڻهو واقف آهن.ائين نه ٿيو جو منهنجا گهر وارا عيش جي زندگي گذاريندا هجن ۽ ڪارڪنَ ۽ انهن جي گهرن وارا مشڪلاتن ۽ پريشانين ۾ رهندا هجن.بلڪه سڀ ڄاڻين ٿا ته منهنجي خاندان جا ماڻهو جن جو سياست سان ڪوئي به واسطو نه هو انهن کي به رياستي آپريشن جي دوران روپوشي اختيار ڪرڻي پئي.5 ڊسمبر 1995 تي منهنجي وڏي ڀاءُ ناصر حسين ۽ ڀائيٽي عارف حسين کي پوليس ، رينجر ۽ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن گرفتار ڪيو ۽ ٽن ڏينهن تائين وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻائي ڪري 9 ڊسمبر تي گڏاپ جي علائقي ۾ بيدردي سان شهيد ڪري ڇڏيو.منهنجو پورو خاندان گهر کان بي گهر ٿي ويو، سڀ سٺو کائيندا ۽ڪمائيندا هئا ۽ پنهنجن ٻارن جي تعليم و تربيت ڪري رهيا هئا.انهن جو گهر بار ختم ٿي ويو.انهن فرمايو ته پاڪستان ۾ لبرل ۽  ڊيموڪريٽڪ انداز ۾ هلڻ واري پارٽي ايم ڪيو ايم کان علاوه ڪوئي به نه آهي، نه مان اڄ تائين اسيمبلي جو اليڪشن لڙيو ۽ نه ئي مان پنهنجي ڪنهن ڀاءُ ۽ ڀيڻ کي پنهنجي نالي جي بنياد تي اليڪشن وڙهايو. مان ايم ڪيو ايم کي هڪ خاندان جي پارٽي نه بڻجڻ ڏنو. جيڪي ماڻهو اسيمبلين ۾ پهتا اهي به منهنجي پسند ۽ ناپسند جي بنياد تي نه بلڪه ڪارڪنن جي راءِ سان پهتا.جناب الطاف حسين فرمايو ته مان سنڌي مهاجر ڀاءُ ڀاءُ جو درس ڏنو ۽ صرف زباني نه پر پنهنجي گهر عزيز آباد کان سنڌين کي قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جون سيٽون ڏنيون ۽ پنهنجي عمل سان ثابت ڪيو ته اسان ڪنهن به قوم سان نفرت نه ٿا ڪريون پر مون کي ان جو افسوس آهي ته ٻين قومن ان جو احساس نه ڪيو.انهن سوال ڪيو ته ڇا ڪنهن سنڌي جماعت جي اندر ايتري جرت آهي جو اها لاڙڪاڻي مان ڪنهن اردو ڳالهائڻ واري کي اليڪشن ۾ بيهاري؟ ڇا پيپلزپارٽي ۾ اها جرت آهي ؟انهن فرمايو ته اسٽيبلشمينٽ، آئي ايس آئي، ايم آئي ۽ فوج چوي ٿي ته ملڪ هڪ آهي ۽ سڀ ڀائر آهيون، سڀ مسلمان آهيون،سڀ پاڪستاني آهيون، سڀني کي گڏجي ڪري هلڻ گهرجي.پر جڏهن سنڌ ۾ مخلوط حڪومت بڻائڻ جو مرحلو اچي ٿو ۽ ڪوليشن ۾ ايم ڪيو ايم جي اڪثريت هجي ته اصولن اڪثريتي جماعت جو وزير اعلٰي بڻجڻ گهرجي، پر آئي ايس آئي ، فوج ۽ ايم آئي چوي ٿي ته الطاف ڀاءُ ڀائي چاري جي لاءِ قرباني ڏيئي ڇڏيو.اسان مڃون ٿا ته اوهان جو وزير اعلٰي بڻجڻ گهرجي، پر سنڌي ناراض ٿي ويندا.ان جي ڪري وزير اعلٰي سنڌي بڻايو.انهن سوال ڪيو ته آخر اردو ڳالهائڻ وارو وزير اعلٰي ڇو نه ٿو بڻجي سگهي؟ ڇا مهاجر سنڌ جا پٽ نه آهن؟ مان تعصب جي نه بلڪه اصول جي ڳالھ ڪري رهيو آهيان.جيڪڏهن سنڌين جو دل وسيع آهي ته جيئن الطاف حسين پنهنجي گهر مان هڪ سنڌي کي بيهاريو اهڙي طرح ئي پنهنجي اڪثريت هوندي اردو ڳالهائڻ واري مهاجر کي به وزير اعلٰي بڻائي ڏيکاريو ۽ جيڪڏهن نه ته پوءِ اها ڏيکاءُ واري محبت نه هلندي.پوءِ ڇو نه جيئن هڪ پيءُ جي اولاد الڳ الڳ گهرن ۾ رهندي آهي اسان به اهڙي طرح ئي پنهنجن پنهنجن گهرن ۾ ڀاءُ بڻجي ڪري رهون. انهن فرمايو ته جڏهن اسان اها ڳالھ ڪريون ٿا ته نام نهاد قوم پرستن جي طرفان اهي بيان اچن ٿا ته اهڙو نه ٿو ٿي سگهي ۽ ائين ٿيو ته سنڌو درياھ رت سان ڀرجي ويندو .انهن فرمايو ته جيڪڏهن اوهان سنڌ ۾ اهو فرق ختم ڪري ڇڏيو ته اهڙيون آوازون اچڻ به بند ٿي وينديون .وقت اچي ويو آهي ته هاڻي ان ڳالھ کي طئي ڪري وٺجي ، ڪوئي اصول وضع ڪري وٺجي ته سنڌي ۽ مهاجر ٽرم بائي ٽرم سنڌ جا وزير اعلٰي بڻجڻ،هڪ ڀيرو سنڌي وزير اعلٰي بڻجي ۽ ٻئي ڀيري مهاجر وزير اعلٰي بڻجي، جيڪڏهن اوهان اهو نه ٿا مڃو ته اوهان انتظامي بنيادن تي سنڌ جي تقسيم ڪري ڇڏيو.انهن فرمايو ته جيڪي سنڌي قوم پرست رت جا واھ وهائڻ جون ڌمڪيون ڏين ٿا مان انهن تي واضع ڪري ڇڏيان ته توهان رت جي واهن جا صرف نالا ٻڌا هوندا پر اسان ته رت جا واھ ڏٺا به آهن.اسان رت جي واهن کان گذري ڪري ئي هتي پهتا آهيون ۽ اسان پاڪستان بڻايو آهي، توهان شاھ لطيف جا صرف شعر پڙهڻ وارا آهيو ۽ اسان عمل ڪرڻ وارا آهيون.جناب الطاف حسين فرمايو ته انساني حقن جون نام نهاد تنظيمون ۽ سول سوسائٽي جا نام نهاد ماڻهو، وڏا وڏا اينڪر پرسنَ، ليکڪ، ڪالم نگار، جمهوريت ۽ انساني حقن تي وڏا وڏا ڪالم لکن ٿا پر مهاجرن تي ٿيندڙ ظلمن تي وڏن وڏن دانشورن جا قلم اڄ تائين حرڪت ۾ نه آيا آهن.ڪراچي ۾ 14 ڊسمبر 1986 تي سانحه قصبه علي ڳڙھ ٿيو جنهن جي دوران مهاجر آبادين تي حملا ڪري سوَن ماڻهن جو قتل عام ڪيو ويو، گهرن کي ساڙي ڪري رک ڪيو ويو ۽ ان باھ ۾ مهاجرن کي زنده ساڙيو ويو.امڙين ۽ ڀينرن جون عزتون لٽي  ڪري انهن جا ٽڪڙا ٽڪڙا ڪيا ويا. پر انساني حقن جي نام نهاد علمبردارن اڄ تائين ان جو ذڪر به نه ڪيو،30 سيپٽمبر 1988 تي سانحه حيدرآباد ٿيو ان ڏينهن ڪيتريون ئي گاڏيون حيدرآباد شهر ۾ داخل ٿيون ۽ انهن گاڏين ۾ سوار دهشت گردن رستي هلندڙ مهاجرن تي ڇتي فائرنگ ڪئي، اڌ ڪلاڪ تائين اها فائرنگ ٿيندي رهي ۽ ٻن سوَن کان وڌيڪ ماڻهو روڊن تي تڙپي تڙپي شهيد ٿي ويا.پر ڪڏهن به نام نهاد انساني حقن جي چيمپيئنن ان سانحي جو ذڪر نه ڪيو.ڪڏهن اهي 26 ۽ 27 مئي 1990 جي پڪا قلعه حيدرآباد جي سانحي جو ذڪر نه ٿا ڪن جڏهن پوليس جي طرفان پڪي قلعي جو هر طرف کان گهيراءُ ڪيو ويو ۽ اتي امڙيون ۽ ڀينرون پنهنجن مٿن تي قرآن پاڪ کڻي دانهون ڪنديون رهيون ته خدا جي واسطي اسان تي گوليون نه هلايو.پر انهن تي ڪوئي به رحم نه ڪيو ويو.گوليون هلنديون رهيون، قرآن پاڪ کي پار ڪندي گوليون سينن ۾ لهنديون رهيون، ڪيترن ئي بي گناهن کي شهيد ڪيو ويو ۽ انهن جون قبرون اڄ به پڪا قلعه حيدرآباد ۾ موجود آهن.اسان ايترن ظلمن تي صبر ڪيو پر پوءِ به چيو وڃي ٿو ته اسان وفادار نه آهيون؟انهن فرمايو ته ٽي وي ٽاڪ شوز ۾ وڏا وڏا اينڪر پرسن، وڏا وڏا ججَ،عالمي ايوارڊ يافته ججَ، بار ڪائونسلن جا وڏا وڏا وڪيل اڪثر 12 مئي جو ذڪر ڪن ٿا ۽ اهو دعوٰي ڪن ٿا ته وڪيلن کي زنده ساڙيو ويو ۽ مان ڪيترائي دفعه چئي چڪو آهيان ته لوئر ڪورٽ کان وٺي ڪري سپريم ڪورٽ بار تائين انهن جا ذميوار نالا ٻڌائين، نالو ، ولديت، ميمبر نمبر ۽ رجسٽريشن نمبر ٻڌائين جن کي ساڙيو ويو.انهن فرمايو ته جڏهن ايم ڪيو ايم وٽ اقتدار آيو ته 12 مئي جو مقدمو هلائينداسين، انهن فرمايو ته اڄ جنرل پرويز مشرف تي ته آئين شڪني جو مقدمو هلايو وڃي ٿو پر جنرل ضياء الحق جنهن مارشلا لڳايو ڪوئي ان کي غدار چئي ڪري مقدمي هلائڻ جي ڳالھ نه ٿو ڪري.جنرل ايوب ۽ جنرل يحيٰ خان جنهن ملڪ ٽوڙيو انهن تي ڪوئي مقدمي هلائڻ جي ڳالھ نه ٿو ڪري.انهن فرمايو ته جيڪي وڪيل رڙيون ڪري ڪري جنرل مشرف کي آئين شڪني جي سزا ڏيڻ جي ڳالھ ڪن ٿا اهي جيڪڏهن ايترا با اصول ۽ غيرت مند هجن ها ته اهي وڏي آواز ۾ چون ها ته جنرل محمود، جنرل عزيز ۽ جنرل عثماني جيڪي زمين تي هئا ۽ نواز شريف حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ۽ نواز شريف کي گرفتار ڪيو هو.جنرل پرويز مشرف ته هوا ۾ هئا،مارشلا انهن نه لڳايو هو بلڪه جنرل عزيز،جنرل محمود ۽ انهن جي ساٿين لڳايو هو ان جي ڪري انهن تي آرٽيڪل 6 جو مقدمو ٺاهي ڪري سڀني کان پهرين گرفتار ڪيو وڃي.انهن فرمايو ته وڏا وڏا وڪيل ۽ سول سوسائٽي جون عورتون جيڪي جمهوريت جون چيمپيئن بڻجن ٿيون  انهن جي سوئي آخر جنرل پرويز مشرف تي ئي ڇو ٿي اٽڪي؟ جيڪڏهن اهي انصاف پسند آهن ته پوءِ اهي ڀلي چون ته جنرل پرويز مشرف کي به ڦاهي تي ٽنگيو پر 1999 ۾ جن جنرلن نواز شريف حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو هو انهن سڀني کي به ڦاهي تي ٽنگيو، جن ججن ان اقدام کي درست ۽ جائز قرار ڏنو هو، جن پي سي او جو سڀني کان پهرين حلف کنيو هو جن ۾ سابق چيف جسٽس سپريم ڪورٽ به شامل آهن ، انهن تي به مقدمو هلايو. ايمرجنسي جي نافذ ڪرڻ وقت جيڪي جنرل هئا انهن کي به ٽنگيو.جنرل ڪياني تي به مقدمو هلايو اهي جيڪي وڪيل ڊانس ڪري ڪري جنرل مشرف جي خلاف ڳالهيون ڪري رهيا هئا انهن تي به مقدمو هلايو. انهن فرمايو ته ڪن کي ڇڏي ڪري ٻين سڀني آئيني و قانوني ماهرن جا ضمير مري ويا آهن ان جي ڪري انهن مان ڪوئي به نه ٿو ڳالهائي ته جنرل پرويز مشرف تي غير آئيني ۽ ناجائز طريقي سان آئين شڪني جو مقدمو ڇو پيو هلايو وڃي،افسوس اهو آهي ته ان تي ججَ به خاموش آهن انهن کان سچ ڳالهايو نه ٿو وڃي.جناب الطاف حسين فرمايو ته اسان ڪراچي جي امن جي خاطر ڪراچي آپريشن جي حمايت ڪئي، جن جي خلاف مقدماآهن انهن کي گرفتار ضرور ڪيو وڃي ۽ قانون جي مطابق ڪاروائي ڪئي وڃي پر ماڻهن کي پڪڙي انهن کي ماورائي عدالت قتل ڪانهن جون لاشون اڇلائڻ جو سلسلو ڪنهن به قيمت تي برداشت نه ٿو ڪري سگهجي.انهن فرمايو ته ان آپريشن جي دوران ايم ڪيو ايم جي ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪرڻ کان پوءِ ماورائي عدالت قتل ڪيو ويو آهي ۽ انهن جي گهر وارن کي هن مهل تائين انصاف نه مليو آهي.انهن فرمايو ته اڄ کان پوءِ ايم ڪيو ايم جو هڪ به ڪارڪن ماورائي عدالت قتل ڪيو ويو ته ان جو مقدمو ڊي جي رينجر،آئي جي سنڌ ۽ وزير اعلٰي سنڌ جي خلاف قائم ڪيو ويندو.انهن فرمايو ته واحد جماعت ايم ڪيو ايم آهي جنهن ۾ ڪارڪنَ کلي ڪري ذميوارن ۽ رهنمائن جي خلاف ڳالهائن ٿا، ڪارڪنن کي مان زبان ڏني آهي، مان انهن کي همت ڏني آهي، اها ئي اصل جمهوريت آهي، ڪنهن ٻئي پارٽي ۾ ڪارڪن جيڪڏهن ليڊرن جي خلاف هلڪي آواز به ڪڍي ته انهن جو ٻئي ڏينهن خاندان ئي غائب ٿي وڃي ٿو.انهن ڪارڪنن کي مخاطب ڪندي فرمايو ته اوهان سڀني کي منهنجو چوڻ مڃڻو پوندو ۽ اهو ڏسڻو پوندو ته ڪير اسان جي صفن ۾ داخل ٿي ويو آهي. جيڪو شيعن ۽ سنين ۾ نفرت ڦيلائي رهيو آهي .اهڙن عناصرن تي نظر رکو، جيڪڏهن تصديق ٿي وڃي ته اهڙن ماڻهن کي تحريڪ جي صفن مان ڪڍي ڇڏيو ۽ قانون جي حوالي ڪريو.انهن حڪومت ۽ فوجي قيادت کي مخاطب ڪندي فرمايو ته پاڪستان بي شمار مسئلن جو شڪار آهي ۽ اسان کي معاملن کي حل ڪرڻ گهرجي ۽ انصاف ۽ قانون سڀني تي برابر لاڳو ڪرڻ گهرجي.هڪ جماعت جي سربراھ جي طرفان پنهنجن ڪارڪنن کي پوليس اهلڪارن کي تشدد جو نشانو بڻائڻ جو کليو درس ڏيڻ تي تبصرو ڪندي فرمايو ته جيڪڏهن مان اها ڳالھ ڪريان ها ته منهنجا ساٿيو وڃو ڦلاڻي کي مارڪٽ ڪريو ته منهنجي مٿان مقدمو به ٺهي ها، زهريلا آرٽيڪل به اچن ها، گار گند به ٿئي ها۽ منهنجي تقرير جا حصا ڪڍي ڪري پوري دنيا ۾ موڪليا به وڃن ها ته الطاف حسين تشدد جو درس ڏنو آهي پر هاڻي سڀ خاموش آهن.جناب الطاف حسين فرمايو ته مان آزادي صحافت جو احترام ڪريان ٿو ان جي ڪري مان فوج، حڪومت ۽ تمام ادارن کي اهو چوان ٿو خدا جي واسطي تمام ٽي وي چينلن کي ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي، جيو ٽي وي کي به پنهنجي نشريات ڏيکارڻ جي مڪمل آزادي ڏني وڃي.ٻيا ٽي وي چينل به جيئن، جيو به جيئي ۽ ايم ڪيو ايم به جيئي.انهن جيو ٽي وي جي مالڪن ۽ حڪام کي به گزارش ڪئي ته اسٽيبلشمينٽ ۽ ڪائي به سياسي پارٽي هجي سڀني جو احترام ڪريو ۽ ڪنهن جي دل آزاري جي لاءِ پنهنجي اداري کي استعمال نه ڪرائين.


7/18/2024 3:58:27 AM