جناب الطاف حسين جي هدايت تي خدمت خلق فائونڊيشن جي طرفان سيلاب متاثره علائقن ۾ امدادي سرگرميون جاري.
رابطا ڪميٽي ميمبر افتخار اڪبر رنڌاوا طبي و امدادي ڪيمپن جو دورو ڪيو ۽ کاڌي پيتي جون شيون ورهايون.
ملتان؛13 سيپٽمبر؛2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي خصوصي هدايت تي ڪي ڪي ايف جي طرفان سيلاب متاثرن جي لاءِ فلاحي سرگرميون جاري آهن. ان سلسلي ۾ رابطا ڪميٽي ميمبر افتخار اڪبر رنڌاوا ايم ڪيو ايم جنوبي پنجاب جي صدر مرزٰي فرقان مغل ۽ ٻين سان گڏجي مختلف علائقن ۾ ڪي ڪي ايف جي طبي و امدادي ڪيمپن جو دورو ڪيو سيلاب متاثرن علائقن ۾ وڃي ڪري عوام ۾ کاڌي پيتي جون شيون به تقسيم ڪيون.ان موقعي تي ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي انهن چيو ته جناب الطاف حسين هر ڏکئي وقت ۾ ملڪ جي مظلوم ۽ محروم عوام جي مدد ڪئي آهي ۽ هن ڏکئي وقت ۾ جناب الطاف حسين پوري ملڪ جي عوام سان گڏ آهن. ان موقعي تي ملڪ خالد فاروق، اقتدا رضوي ۽ ٻيا به انهن سان گڏ هئا.