Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

تحريڪ جا تمام ذميوار ۽ ڪارڪنَ جناب الطاف حسين جي نظريي کي ملڪ جي ڪنڊ ڪنڊ ۾ ڦيلائين. رابطا ڪميٽي ميمبر احمد سليم صديقي ۽ گلفراز خان خٽڪ.


 Posted on: 9/13/2014
تحريڪ جا تمام ذميوار ۽ ڪارڪنَ جناب الطاف حسين جي نظريي کي ملڪ جي ڪنڊ ڪنڊ ۾ ڦيلائين. رابطا ڪميٽي ميمبر احمد سليم صديقي ۽ گلفراز خان خٽڪ.
ايم ڪيو ايم پختون آرگنائزنگ ڪميٽي جي تنظيم نو جي سلسلي ۾ منعقد ڪيل جنرل ورڪرز اجلاس کي خطاب.
ڪراچي؛13 سيپٽمبر؛ 2014
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي نائن زيرو تي لال قلعه گرائونڊ ۾ منعقد ٿيندڙ ايم ڪيو ايم پختون آرگنائزنگ ڪميٽي جي جنرل ورڪرز اجلاس ۾ انچارج شير ولي آفريدي ۽ جوائنٽ انچارجز فاروق سعادت ۽ رخ الله سميت 14 رڪني مرڪزي ڪميٽي جو اعلان ڪيو.جنرل ورڪرز اجلاس کي خطاب ڪندي رابطا ڪميٽي ميمبرن احمد سليم صديقي ۽ گلفراز خان خٽڪ چيو ته تحريڪ جي 35 ساله جدوجهد ۾ هزارين ساٿين پنهنجين جانين جا نذرانا پيش ڪيا آهن ۽ امڙين ۽ ڀينرن جون عزتون پامال ٿيون آهن. جنهن جي نتيجي ۾ اڄ تحريڪ جو سفر جاري و ساري آهي ان جي ڪري تمام ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي گهرجي ته اهي پنهنجين ذميوارين کي قوم جي امانت سمجهندي انتهائي ايمانداري سان انجام ڏين ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي نظريه حق پرستي کي ملڪ جي ڪنڊ ڪنڊ ۾ ڦيلائن .رابطا ڪميٽي وڌيڪ چيو ته اڄ پاڪستان کي چئني طرفن کان خطرن جو سامنو آهي جنهن جي حل جي لاءِ جناب الطاف حسين ڏينهن رات پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن ۽ اهي چاهين ٿا ته ملڪ ۾ وسندڙ تمام قومن کي گڏ ڪري پاڪستان کي موجوده بحران مان ڪڍن.اجلاس جي اختتام تي رابطا ڪميٽي ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي عوامي خدمت ڪرڻ جي هدايت به ڪئي. جنرل ورڪرز اجلاس ۾ پختون معززن، بزرگن ۽ نوجوانن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.
****

6/30/2024 1:32:30 PM