Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

اڄ تقريبن پورو ملڪ طوفاني برساتن ۽ سخت سيلاب جي زد ۾ آهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


 Posted on: 9/13/2014
اڄ تقريبن پورو ملڪ طوفاني برساتن ۽ سخت سيلاب جي زد ۾ آهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
جيڪڏهن جڳھ جڳھ تي ڊيم بڻايا وڃن ها ته اڄ هزارين انسان، معصوم ٻار ۽ ٻارڙيون موت جي منهن ۾ وڃڻ کان بچي وڃن ها.جناب الطاف حسين.
 لنڊن؛ 13 سيپٽمبر؛2014
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته هن وقت تقريبن پورو ملڪ ئي انتهائي طوفاني برساتن ۽ سخت سيلاب جي زد ۾ آهي. انهن فرمايو ته اڄ ملڪ جي قيام جي 66 سالن کان پوءِ به ڪنهن حڪومت اهڙا ڪي به ٺوس قدمَ نه کنيا جن سان سيلاب جي تباهين کي روڪي سگهجي ها ان جي ڪري ئي هر سال وڏي پيماني تي قيمتي جاني ۽ مالي نقصان ٿين ٿا. جناب الطاف حسين فرمايو ته جيڪڏهن ضد ۽ هٽ ڌرمي جو مظاهرو نه ڪيو وڃي ها ۽ مختلف جڳهن تي ننڍا ننڍا ڊيم بڻايا وڃن ها ته نه صرف هزارين انسان، معصوم ٻار۽ ٻارڙيون موت جي منهن ۾ وڃڻ کان بچي وڃن ها، انهن جا گهر به سيلاب کان محفوظ رهن ها بلڪه ان سان لکين ماڻهن کي روزگار به ملي ها انهن جي زندگي جو معيار بلند ٿئي ها، زرعي پيداوار وڌي ها ۽ ملڪي معيشت به بهتر ٿئي ها،انهن فرمايو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته قومي مفادن کي سامهون رکندي وقت تي اهڙا فيصلا ڪري وٺجن جن سان قومي يڪجهتي کي به نقصان نه ٿئي ۽ ملڪ به ٺوس بنيادن تي ترقي جي راھ تي گامزن ٿي سگهي. جناب الطاف حسين پنجاب سان تعلق رکڻ وارن ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ، همدرد عوام ۽ مخير حضرات کي اپيل ڪئي ته اهي خدا جي واسطي گهرن کان نڪرن ۽ سيلاب متاثرن جي هر ممڪن مدد ڪن. آخر ۾ جناب الطاف حسين سيلاب جي نتيجي ۾ هلاڪ ٿيندڙ ماڻهن جي مغفرت جي لاءِ دعا ڪئي ته الله تعالٰي تمام مرحومن کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي. آمين.
 

7/18/2024 4:40:40 AM