Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن ۽ رابطا ڪميٽي جي ميمبر حيدعباس رضوي جي ڪوآرڊينيٽر سلمان ڪاظمي شهيد کي عزيز آباد جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.


 Posted on: 9/11/2014
ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن ۽ رابطا ڪميٽي جي ميمبر حيدعباس رضوي جي ڪوآرڊينيٽر سلمان ڪاظمي شهيد کي عزيز آباد جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
ڪراچي؛11 سيپٽمبر؛2014
فيڊرل بي ايريا ۾ هٿيار بند دهشت گردن جي فائرنگ سان متحده قومي موومينٽ جي نوجوان ڪارڪن ۽ رابطا ڪميٽي جي ميمبر حيدرعباس رضوي جي ڪوآرڊينيٽر سلمان ڪاظمي شهيد کي سوين آلين اکين سان گڏ عزيز آباد جي شهداء قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.ان کان اڳ شهيد جي جنازي نماز مسجد خيرالعمل فيڊرل بي ايريا ۾ ادا ڪئي وئي. جنازي نماز ۽ تدفين ۾ رابطا ڪميٽي جي ميمبرن حيدرعباس رضوي، عامر خان، احمد سليم صديقي، ڪهف الورٰي، اسلم آفريدي. وسيم اختر، صوبائي وزيرن، اسيمبلين جي حق پرست ميمبرن، سيڪٽر ۽ يونٽ ڪميٽين جي ميمبرن ۽ ڪارڪنن کان علاوه شهيد جي مٽن مائٽن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ۽  سلمان شهيد کي انهن جي تنظيمي خدمتن تي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو، انهن شهيد جي مغفرت ۽ انهن جي درجات جي بلندي جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ سوگوار پونئرن جي لاءِ صبر جميل جي لاءِ دعائون به ڪيون.

7/18/2024 4:03:29 AM