Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

آرام باغ مارڪيٽ ايسوسي ايشن ۽ لکنو ڪلاٿ مارڪيٽ ايم اي جناح روڊ جي وفد جي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي سان ملاقات.


 Posted on: 9/11/2014
آرام باغ  مارڪيٽ ايسوسي ايشن ۽ لکنو ڪلاٿ مارڪيٽ ايم اي جناح روڊ جي وفد جي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي سان ملاقات.
وفد رابطا ڪميٽي کي شهر ۾ امن و امان جي خراب صورتحال  کان آگاھ ڪيو.
ڪراچي؛ 11 سيپٽمبر؛2014
            آرام باغ مارڪيٽ ايسوسي ايشن ۽ لکنو ڪلاٿ مارڪيٽ ايم اي جناح روڊ جي وفد چيئرمين آصف ، حاجي شرافت  ۽ ولايت حسين شيخ جي سربراهي ۾ خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ رابطا ڪميٽي جي ميمبرن وسيم اختر ۽ اسلم آفريدي سان ملاقات ڪئي،ملاقات جي موقعي تي واپاري برادري رابطا ڪميٽي کي شهر ۾ امن و امان جي خراب صورتحال جي ڪري واپاري برادري کي پيش ايندڙ مسئلن کان آگاھ ڪيو.ان موقعي تي رابطا ڪميٽي وفد سان ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته ايم ڪيو ايم شهر ۾ واپاري برادري جي مسئلن کان چڱي ريت واقف آهي ۽ اسان جناب الطاف حسين جي هدايت تي عمل ڪندي واپاري برادري جي مسئلن کي هر فورم تي اجاگر ڪري رهيا آهيون. رابطا ڪميٽي چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڀلائي جي لاءِ پنهنجو هر ممڪن ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ زندگي جي تمام شعبن سان تعلق رکڻ وارن ماڻهن جي واحد آواز آهي. رابطا ڪميٽي واپاري برادري کي انهن جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي هر ممڪن خاطري ڪرائي.ملاقات جي موقعي تي وفد جناب الطاف حسين جي ڪاوشن کي ساراهيو ۽ واپاري برادري جي لاءِ ڪيل ايم ڪيو ايم جي ڪوششن جوخير مقدم ڪيو.

7/18/2024 4:04:20 AM