Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم ملڪ ۾ مذهبي رواداري ۽ فرقي وارانه هم آهنگي جو فروغ چاهي ٿي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


 Posted on: 9/11/2014
ايم ڪيو ايم ملڪ ۾ مذهبي رواداري ۽ فرقي وارانه هم آهنگي جو فروغ چاهي ٿي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
مذهبي انتها پسندي ۽ فرقي واريت جي خاتمي کان سواءِ پاڪستان کي ترقي يافته ۽ خوشحال رياست نه ٿو بڻائي سگهجي.
باني پاڪستان قائد اعظم محمد علي جناح جي 66 هين يوم وفات جي موقعي تي بيان.
لنڊن؛ 11 سيپٽمبر؛2014
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته مذهبي انتها پسندي ۽ فرقي واريت جو خاتمو ڪرڻ کان سواءِ پاڪستان کي ترقي يافته ۽ خوشحال رياست نه ٿو بڻائي سگهجي.قائد اعظم محمد علي جناح جي 66 هين يوم وفات جي موقعي تي پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين باني پاڪستان کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي فرمايو ته ايم ڪيو ايم ملڪ ۾ مذهبي رواداري ۽ فرقي وارانه هم آهنگي جو فروغ چاهي ٿي ته جيئن ملڪ ۾ قومي يڪجهتي کي پروان چڙهائي سگهجي.ايم ڪيو ايم چاهي ٿي ته قائد اعظم محمد علي جناح جي تعليمات جي مطابق پاڪستان کي جمهوري ،لبرل ۽ روشن خيال ملڪ بڻايو وڃي ۽ ملڪ ۾ اهڙو معاشرو قائم ڪيو وڃي جتي بغير ڪنهن فرق جي تمام شهرين کي پنهنجي پنهنجي عقيدي جي مطابق عبادت ڪرڻ ۽ زندگي گذارڻ جو حق حاصل هجي، ملڪ کان مذهبي انتها پسندي ۽ فرقي واريت جو خاتمو ٿئي، غيرمسلم پاڪستانين سميت تمام شهرين کي برابري جي سطح تي حق ملن ۽ پاڪستان ترقي ۽ خوشحالي جي راھ تي گامزن ٿي سگهي.
***

7/18/2024 4:02:33 AM