Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سنڌ اسيمبلي جي حق پرست ميمبرن جي طرفان ڪراچي ۾ موٽر سائيڪل جي ڊبل سواري تي پابندي عائد ڪرڻ جي فيصلي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت.


 Posted on: 9/10/2014
سنڌ اسيمبلي جي حق پرست ميمبرن جي طرفان ڪراچي ۾ موٽر سائيڪل جي ڊبل سواري تي پابندي عائد ڪرڻ جي فيصلي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت.
ڪراچي؛10 سيپٽمبر؛2014
            سنڌاسيمبلي جي حق پرست ميمبرن شهر ۾ ٿيندڙ قتل  و غارتگري جي واقعن کي جواز بڻائي ڪري ڪراچي ۾ موٽر سائيڪل جي ڊبل سواري تي پابندي عائد ڪرڻ جي فيصلي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ان کي شهري حقن جي سراسر خلاف ورزي قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن فرمايو ته سنڌ حڪومت شهر ۾ ٿيندڙ دهشت گردي جي وارداتن جي روڪٿام ۽ امن و امان جي صورتحال کي يقيني بڻائڻ جي ڪوششون ڪرڻ جي بجاءِ ڊبل سواري تي پابندي عائد ڪري ٻن ڪروڙن کان به وڌيڪ شهرين کي پريشاني ۾ مبتلا ڪري چڏيو آهي. انهن چيو ته اهو ڪٿان جو انصاف آهي ته پنهنجين ڪوتاهين تي پردو وجهڻ جي لاءِ عام ماڻهن جي مشڪلاتن ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو پيو وڃي. ڪراچي شهر ۾ ٽرانسپورٽ جي ڪمي جي ڪري ماڻهو پهرين ئي بسن جي ڇتين ۽ گيٽن ۾ لڙڪي ڪري سفر ڪرڻ تي مجبور آهن جنهن کان بچڻ جي لاءِ عوام وڏي تعداد ۾ موٽر سائيڪل جي ڊبل سواري جو سفر ڪن ٿا.انهن گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته اهي ڪراچي ۾ موٽر سائيڪل جي ڊبل سواري تي عائد پابندي جي نوٽيفڪيشن کي معطل ڪن.
****

7/18/2024 4:11:53 AM