Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سينيئر سياستدان مخدوم جاويد هاشمي ۽ ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي وچ ۾ ٽيليفون تي ڳالھ ٻولھ.


 Posted on: 9/10/2014
سينيئر سياستدان مخدوم جاويد هاشمي ۽ ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي وچ ۾ ٽيليفون تي ڳالھ ٻولھ.
ڪجھ ماڻهو جمهوريت جو نالو اولھ وارن ملڪن کي خوش ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪن ٿا نه ته انهن ماڻهن جو انداز سياست، لحاظ ۽ ڳالھ ٻولھ جو انداز ڪنهن به آمر يا جابر کان گهٽ نه آهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
اهي ماڻهو دنيا کي اهو تاثر ڏيڻ چاهين ٿا ته انهن کي جمهوريت سان محبت آهي جڏهن ته اهي جمهوريت جي  ج  کان به واقف نه آهن.جناب الطاف حسين.
مان مڊل ڪلاس طبقي سان تعلق رکان ٿو، منهنجي ۽ اوهان جي سوچ بلڪل به مختلف نه آهي.مخدوم جاويد هاشمي.
لنڊن؛10 سيپٽمبر؛2014
          متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ڪجھ ماڻهو جمهوريت جو نالو اولھ وارن ملڪن کي خوش ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪن ٿا نه ته انهن جو انداز سياست ، لحاظ ۽ ڳاله ٻولھ جو انداز ڪنهن به آمر يا جابر کان گهٽ نه آهي. اها ڳالھ جناب الطاف حسين سينيئر سياستدان ۽ سابق ميمبر قومي اسيمبلي مخدوم جاويد هاشمي سان ٽيليفون تي ڳالھ ٻولھ ڪندي ڪئي.ڳالھ ٻولھ جي دوران ٻنهي رهنمائن هڪ ٻئي جي خيريت دريافت ڪئي ۽ هڪ ٻئي جي صحت و تندرستي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار به ڪيو.جناب الطاف حسين مخدوم جاويد هاشمي سان ڳالھ ٻولھ ڪندي فرمايو ته اوهان پاڪستان جي انهن چند سياستدانن ۾ شمار ڪيا وڃو ٿا جن جي پوري زندگي جمهوري جدوجهد۽ قربانين سان عبارت آهي.بدقسمتي سان پاڪستان جمهوريت جي نالي تي انهن مفاد پرستن جي هٿن ۾ هليو ويو آهي جيڪي جهوريت جي نالي تي پاڪستان تي پنهنجو قبضو برقرار رکڻ چاهين ٿا ۽ دنيا کي اهو تاثر ڏيڻ چاهين ٿا ته انهن کي جمهوريت سان محبت آهي جڏهن ته انهن کي جمهوريت جي  ج  سان به محبت نه آهي.انهن مخدوم جاويد هاشمي کي چيو ته مان اوهان کي پاڪستان سان سچي محبت ڪرڻ وارو ۽ مخلص پاڪستاني سمجهان ٿو ۽ منهنجي دل ۾ اوهان جي لاءِ وڏو احترام ۽ عزت آهي.اوهان جمهوري جدوجهد جي دوران قيد جو تڪليفون برداشت ڪيون، قيد تنهائي ڪاٽي،ٽارچر سيلن جي اذيت برداشت ڪئي، اوهان جي پوري زندگي ڊگهين قربانين سان ڀري پئي آهي جنهن تي مان پنهنجي ۽ پنهنجن تمام ساٿين جي طرفان اوهان کي زبردست خراج تحسين پيش ڪريان ٿو.جناب الطاف حسين فرمايو ته مان ڪيترائي ڀيرا پنهنجن بيانن ۾ اها اپيل ڪري چڪو آهيان ته هن وقت پورو ملڪ نازڪ صورتحال مان گذري رهيو آهي، طوفاني برساتن ۽ سيلاب متاثره خاندان هڪ هڪ پاڪستاني جي مدد جا طلبگار آهن، سيلاب جي تباهين جي ڪري ماڻهو مري رهيا آهن، بک، افلاس ۽ بيمارين جو شڪار آهن، متاثرن جي سڄي عمر جي پونجي ضايع ٿي وئي آهي ۽ اهي پنهنجا گهر سيلابي وهڪرن ۾ وهي وڃڻ جي ڪري مٿي لڪائڻ جي جڳھ کان به محروم آهن، هن وقت هر ڪنهن کي سڀني ڳالهين کي چڏي ڪري سيلاب متاثرن جي مدد ڪرڻ گهرجي.انهن وڌيڪ فرمايو ته وقت جو تقاضا آهي ته هن وقت تمام سياسي و مذهبي جماعتن کي پنهنجي سياسي مفادن ، اختلافن ۽ تڪرارن کي چڏي ڏيڻ گهرجي،جيستائين سيلاب ۽ طوفاني برساتن جو سلسلو بيهجي نه ٿو وڃي.ڇو ته سياست جي لاءِ پوري زندگي پئي آهي.اهو ضروري نه آهي ته اسان جنهن مشن و مقصدکي کڻي ڪري هليا آهيون اهي اڄ ئي پورا ڪري وٺون، جناب الطاف حسين فرمايو ته جڏهن سانحه ماڊل ٽائون وانگر هڪ ٻئي سانحي ٿيڻ جو خطرو پيدا ٿيو ته مان ڏينهن رات حڪومت ۽ اپوزيشن جي جماعتن جي نمائندن سميت سڀني سان رابطا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيس ته جيئن ٻيو ڪوئي سانحو نه ٿيو. مخدوم جاويد هاشمي جناب الطاف حسين جي خيالن تي انهن جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته مان شڪرگذار آهيان ته اوهان مون کي ياد رکيو.جڏهن لنڊن ۾ اوهان کي گرفتار ڪيو ويو ته مان اوهان جي حمايت ۾ فوري طور تي بيان ڏنو جنهن تي مون تي تنقيد به ڪئي وئي پر مان واضع ڪري چڏيو ته جيڪڏهن هن ڏکئي وقت ۾ مان الطاف ڀاءُ جو ساٿ نه ڏيندس ته پوءِ ڪڏهن ڏيندس ۽ جيڪڏهن منهنجي وس ۾ هجي ها ته مان ان کان به وڌي ڪري حمايت ڪريان ها.انهن چيو ته مان مڊل ڪلاس طبقي سان تعلق رکان ٿو، منهنجي ۽ اوهان جي سوچ بلڪل به مختلف نه آهي.سيلاب متاثرن جي لاءِ جيڪي درد اوهان محسوس ڪري رهيا آهيو، الله سائين ڪري اهو ئي درد پاڪستان جا سياستدان به محسوس ڪن ته ملڪ جا مسئلا ئي حل ٿي وڃن.مخدوم جاويد هاشمي ملڪ کي پيش آيل بحرانن کان نجات جي لاءِ جناب الطاف حسين جي ڪاوشن کي به ساراهيو

7/18/2024 3:54:21 AM