Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبرن جي مولانا مفتي نعيم سان ملاقات.


 Posted on: 9/10/2014
ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبرن جي مولانا مفتي نعيم سان ملاقات.
رابطا ڪميٽي مفتي نعيم سان انهن جي نياڻيَ جي قتل تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان انهن سان تعزيت ڪئي.
ڪراچي؛10 سيپٽمبر؛2014
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي هدايت تي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن عبدالحسيب، يوسف شاهواڻي ۽ ٻين جامعه بنوريه جي مهتمم مفتي نعيم سان ملاقات ڪئي ۽ انهن جي نياڻيَ مولانا مسعود بيگ جي قتل تي انهن سان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو.ان موقعي تي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن مولانا مفتي نعيم کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو خصوصي پيغام پهچايو ۽ مولانا مسعود بيگ جي قتل کي فرقي وارانه فسادن جي سازشن جو حصو قرار ڏيندي ان قتل جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ چيو ته امن دشمن ماڻهو شهر جو امن خراب ڪرڻ جي هڪ سوچيل سمجهيل سازش تي عمل ڪري رهيا آهن. انهن مولانا مسعود بيگ شهيد جي مغفرت ۽ انهن جي درجات جي بلندي جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ مفتي نعيم سميت تمام سوگوار پونئرن جي لاءِ صبر جميل جي لاءِ دعا به ڪئي.ان موقعي تي علماء ڪميٽي جو انچارج جاويد احمد ۽ ٻيا به موجود هئا.

7/18/2024 1:24:00 AM