Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

تباهي مچائيندڙ برساتن ۽ سيلاب جي ڪري پوري ملڪ ۾ وڏي پيماني تي ٿيندڙ جاني و مالي نقصانن تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.


 Posted on: 9/10/2014
 تباهي مچائيندڙ برساتن ۽ سيلاب جي ڪري پوري ملڪ ۾ وڏي پيماني تي ٿيندڙ جاني و مالي نقصانن تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.
ڏکئي وقت ۾ ماڻهن جي تحفظ جي لاءِ پنهنجيون خدمتون پيش ڪرڻ تي پاڪ فوج کي زبردست خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 10 سيپٽمبر؛2014
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين  تباهي مچائيندڙ برساتن ۽ سيلاب جي ڪري پوري ملڪ ۾ وڏي پيماني تي ٿيندڙ جاني و مالي نقصانن تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪندي فرمايو آهي ته هنرمند۽ محنتي ماڻهن جي وڏي تعداد برساتن ۽ سيلاب جي وَر چڙهي ڪري پنهنجي جان کان هٿ ڌوئي چڪي آهي، ان تي مان ۽ ٻيا ڪروڙين دردمند ماڻهو سخت ڏک ۾ ورتل آهن. انهن فرمايو ته هڪ طرف ته پاڪ فوج اتر وزيرستان ۾ دهشت گردن جي خلاف پاڪستان جي تاريخ جي اهم ترين جنگ وڙهي رهي آهي ۽ ضرب عضب ۾ جاني و مالي قربانيون ڏيئي رهي آهي، ٻئي طرف ڏکئي وقت ۾ پاڪ فوج جا بري، بحري ۽ فضائيه جا آفيسر ۽ جوان به ماڻهن جي تحفظ جي لاءِ ڏينهن رات جهڙي طريقي سان پنهنجيون خدمتون پيش ڪري رهيا آهن ان تي مان انهن کي سلام تحسين ۽ خراج تحسين پيش ڪريان ٿو.انهن فرمايو ته جيڪي وڏا وڏا جاگيردار ۽ وڏيرا پنهنجين زمينن کي بچائڻ جي لاءِ بند ڀڃي ڪري پوري ملڪ جي مظلومن ۽ محرومن کي هلاڪ ڪرڻ جو سبب بڻجي رهيا آهن، وقت اچڻ تي انشاء الله تعالٰي وڏي کان وڏا ظالم ڇو نه هجن اهي الله سائين جي عذاب کان بچي نه سگهندا.انهن پنجاب جي تمام ضلعن ۽ تعلقن جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي هدايت ڪئي ته اهي پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ طبي امدادي ڪيمپ لڳائي برساتن ۽ سيلاب متاثرن جي اڳتي وڌي ڪري هر ممڪن مدد ڪن ۽ تعاون ڪن. جناب الطاف حسين دعا فرمائي ته الله تعالٰي برساتن ۽ سيلاب جي ڪري هلاڪ ٿيندڙ ماڻهن کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي.آمين.

7/18/2024 1:32:19 AM