Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

مولانا مسعود بيگ جو قتل ڪراچي ۾ فرقي وارانه فسادن جي باھ ڀڙڪائڻ جي هڪ وڏي سازش جو حصو آهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


 Posted on: 9/10/2014
مولانا مسعود بيگ جو قتل ڪراچي ۾ فرقي وارانه فسادن جي باھ ڀڙڪائڻ جي هڪ وڏي سازش جو حصو آهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
ڪراچي ۾ پابندي وڌل تنظيمن پنهنجا ٽڪاڻا قائم ڪري رکيا آهن ۽ شهر جا ماڻهو انهن وحشي دهشت گردن جي رحم و ڪرم تي آهن.جناب الطاف حسين.
لنڊن؛10 سيپٽمبر؛2014
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ڪراچي ۾ جامعه بنوريه جي معلم ۽ جامعه بنوريه سائيٽ جي مهتمم مفتي نعيم جي نياڻيَ مولانا مسعود بيگ جي وحشياڻي قتل جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ان مذموم واقعي کي ڪراچي ۾ فرقي وارانه فسادن جي باھ ڀڙڪائڻ جي هڪ وڏي سازش جو حصو قرار ڏنو آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته ڪراچي ۾ پوليس، رينجر ۽ ٻين سيڪيورٽي فورسز جي وڏي تعداد ۾ تعيناتي ۽ آپريشن جي باجود شهر ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جا لڳاتار ٿيندڙ واقعا آپريشن، پوليس، رينجر ۽ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارڪردگي تي  سواليه نشان آهن.انهن فرمايو ته شهر ۾ ايتريون ايجنسيون هجڻ جي باجود آخر شهر ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جا اهي واقعا ڇو ٿي رهيا آهن؟انهن فرمايو ته ڪراچي ۾ پابندي وڌل تنظيمن جي دهشت گردن پنهنجا ٽڪاڻا قائم ڪري رکيا آهن جن سان تعلق رکڻ وارا دهشت گرد شهر ۾ عالمن سڳورن، ڊاڪٽرن، انجنيئرن، پروفيسرن، ڏاهن ۽ ٻين شخصيتن جي ٽارگيٽ ڪلنگ ڪري رهيا آهن ۽ شهر جا ماڻهو انهن وحشي دهشت گردن جي رحم و ڪرم تي آهن.گذريل پوين ڏينهن ۾ ممتاز عالم دين علامه طالب جوهريجي نياڻيَ، علامه عباس ڪميلي جي صاحبزادي علامه علي اڪبر ڪميلي ۽ ٻين مختلف شعبن سان تعلق رکڻ وارين ڪيترين ئي شخصيتن کي نشانو بڻايو ويو ۽ اڄ جامعه بنوريه جي مهتمم مفتي نعيم جي نياڻيَ مولانا مسعود بيگ کي شهيد ڪيو ويو آهي .جناب الطاف حسين ان واقعي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي مطالبو ڪيو ته ان واقعي جي تحقيقات ڪرائي وڃي ۽ قاتلن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي ۽ قانون جي مطابق سخت ترين سزا ڏني وڃي.جناب الطاف حسين ان واقعي تي مفتي نعيم ۽ انهن جي تمام سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته ان دردناڪ واقعي تي مون سميت ايم ڪيو ايم جا تمام ڪارڪن اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. جناب الطاف حسين دعا فرمائي ته الله تعالٰي مسعود بيگ کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي.آمين.


7/18/2024 1:34:00 AM