Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي 61 هين سالگره جي موقعي تي ايم ڪيو ايم ميڊيڪل ايڊ يونٽ (سنڌ گورنمينٽ اسپتال) نيو ڪراچي جي زير اهتمام افضاء الطاف آڊيوويزل لائبرري جو افتتاح ڪيو ويو.


 Posted on: 9/9/2014 1
 متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي 61 هين سالگره جي موقعي تي ايم ڪيو ايم ميڊيڪل ايڊ يونٽ (سنڌ گورنمينٽ اسپتال) نيو ڪراچي جي زير اهتمام افضاء الطاف  آڊيوويزل لائبرري جو افتتاح ڪيو ويو.
ڪراچي؛ 9 سيپٽمبر؛2014
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي 61 هين سالگره جي موقعي تي ايم ڪيو ايم ميڊيڪل ايڊ يونٽ( سنڌ گورنمينٽ اسپتال) نيوڪراچي جي زير اهتمام افضاء الطاف آڊيوويزل لائبرري جو افتتاح ڪيو ويو.آڊيو ويزل لائبرري جو افتتاح رابطا ڪميٽي ميمبر عادل صديقي ڪيو جڏهن ته انهن لائبرري جي لاءِ ڏھ هزار روپين جي عطيي جو اعلان به ڪيو.تقريب ۾ ايم ڪيو ايم ميڊيڪل ايڊ ڪميٽي انچارج ڊاڪٽر فاروق جميل ۽ ٻيا به موجود هئا.لائبرري جي افتتاحي تقريب جي شرڪاء کي خطاب ڪندي رابطا ڪميٽي ميمبر عادل صديقي چيو ته ميڊيڪل ايڊ ڪميٽي ان لائبرري جو قيام عمل ۾ آڻي ثابت ڪري چڏيو آهي ته اهي جناب الطاف حسين جي فڪر و فلسفي ۽ نظريي تي عمل پيرا آهن ۽ طبي ۽ علمي ميدان ۾ پنهنجين صلاحيتن جا جوهر ڏيکاري رهيا آهن.انهن لائبرري جي قيام تي ميڊيڪل ايڊ ڪميٽي سميت تمام ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو.ان کان علاوه ميڊيڪل ايڊ ڪميٽي ( سنڌ گورنمينٽ اسپتال) جي زير اهتمام 3 کان 8 سيپٽمبر تائين اکين جي مرض جو هفتو ملهايو ويو.ان سلسلي جو اهو پهريون پروگرام هو جنهن ۾ مفت او پي ڊي ۽ مفت دوائن جي فراهمي تي مشتمل هو، جنهن ۾ تقريبن 250 کان وڌيڪ مريضن جو معائنو ڪيو ويو ۽ انهن کي مفت دوائون ڏنيون ويون.پروگرام جي آخري ڏينهن اکين جي مرضن جي متعلق سيمينار منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ ماهرن پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي ايم ڪيو ايم ميڊيڪل ايڊ ڪميٽي جي طرفان اکين جي مرضن جو هفتو ملهائڻ کي خوش آئند قرار ڏنو ۽ ان سان جن ماڻهن کي طبي سهولتون ميسر آيون آهن اهي جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم ميڊيڪل ايڊ ڪميٽي جا شڪر گذار آهن.


7/18/2024 1:22:52 AM