Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

جاگيرداراڻه ۽ وڏيراڻه نظام پاڪستان ۾ ناخواندگي جو سڀني کان وڏو سبب آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي


 Posted on: 9/9/2014 1
جاگيرداراڻه ۽ وڏيراڻه نظام پاڪستان ۾ ناخواندگي جو سڀني کان وڏو سبب آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
پاڪستان ۾ ناخواندگي جي خاتمي جي لاءِ فوري طور تي سڌارا ڪيا وڃن.رابطا ڪميٽي.
ڪراچي؛9 سيپٽمبر؛2014
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي چيو آهي ته دنيا جي گهڻڻ ملڪن خواندگي جي شرح وڌائي ڪري پنهنجي پاڻ کي ترقي ۽ خوشحالي ڏانهن نه صرف گامزن ڪيو آهي بلڪه پنهنجي وچان ناخواندگي جو خاتمو ڪري مهذب معاشري کي تشڪيل ڏنو آهي.عالمي يوم خواندگي جي موقعي تي پنهنجي بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته پاڪستان ۾ بدقسمتي سان خواندگي جي شرح وڌائڻ جي لاءِ مثبت قدمَ ۽ حڪمت عملي اختيار نه پئي ڪئي وڃي.جنهن جي ڪري ناخواندگي ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ اها صورتحال ڪنهن طور به پاڪستان جي روشن مستقبل جي نشاندهي نه ٿي ڪري.رابطا ڪميٽي چيو ته جن ملڪن ناخواندگي کي پنهنجي وچان ختم ڪيو، تعليم ۽ تربيت ۾ جدت اختيار ڪئي ۽ پنهنجي پاڻ کي دنيا جي ترقي يافته ملڪن سان هم آهنگ ڪيو اهي ملڪ اڄ نه صرف مستحڪم آهن بلڪه دنيا ۾ باوقار مقام به رکن ٿا.رابطا ڪميٽي وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ ناخواندگي جو اندازو ان ڳالھ مان لڳائي سگهجي ٿو ته ڪيترائي اسڪول اهڙا آهن جيڪي صرف سرڪاري ڪاغذن تائين ئي محدود آهن ۽ انهن کي وڏيرن پنهنجي ڍورن جا واڙا بڻائي چڏيو آهي جنهن جي جيتري به مذمت ڪئيوڃي اها گهٽ آهي.رابطا ڪميٽي چيو ته وڏيراڻه ۽ جاگيرداراڻه نظام پاڪستان ۾ ناخواندگي جي سڀني کان وڏو سبب آهي . رابطا ڪميٽي چيو ته پاڪستان ۾ جيڪڏهن اسڪولن ۽ ٻين تعليمي ادارن سان اهو ئي سلوڪ روا رکيو ويو ۽ علم دوستي ۽ تعليم کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ عملي قدم نه کنيا ويا ته خواندگي جي شرح  تمام گهڻي وڌي ويندي جيڪا دنيا ۾ پاڪستان جي لاءِ بدنامي جو سبب بڻجندي،رابطا ڪميٽي صدر مملڪت ممنون حسين ۽ وزير اعظم ميان نواز شريف کان مطالبو ڪيو ته پاڪستان ۾ ناخواندگي جي شرح کي ختم ڪرڻ جي لاءِ فوري طور تي سڌارا آندا وڃن ۽ فرسوده ۽ جاگيرداراڻه  نظام ، بيروزگاري ۽ غربت جو خاتمو ڪيو وڃي ته جيئن ماڻهن کي تعليم جي حصول ڏانهن راغب ڪري سگهجي.
*

7/18/2024 1:16:33 AM