Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پنجاب کان پوءِ سنڌ ۾ وڏي پيماني تي سيلاب جي اڳواٺ اطلاعن تي قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.


 Posted on: 9/9/2014 1
پنجاب کان پوءِ سنڌ ۾ وڏي پيماني تي سيلاب جي اڳواٺ اطلاعن تي قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.
سنڌ ۾ سيلابي صورتحال جو حڪومتي سطح تي روزانه جي بنيادن تي جائزو ورتو وڃي.قومي اسيمبلي جا حق پرست ميمبر.
ڪراچي؛ 9 سيپٽمبر؛2014
            متحده قومي موومينٽ جي قومي اسيمبلي جي ميمبرن پنجاب کان پوءِ سنڌ ۾ وڏي پيماني تي سيلاب جي اڳواٺ اطلاعن تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ حڪوت کان مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ ۾ ممڪنه طور تي ٿيندڙ طوفاني برساتن ۽ سيلابي وهڪرن جي ڪري عوام جي جان و مال جي تحفظ ۽ تباھي کان بچائڻ جي لاءِ تمام ادارن،انتظاميه ۽ مشينري کي متحرڪ ڪيو وڃي ۽ بندن جي مظبوطي ، ندي نالن جي صفائي سٿرائي جو ڪم جيترو جلدي ممڪن ٿي سگهي ڪرايو وڃي ۽ سنڌ ۾ سيلابي صورتحال جو حڪومتي سطح تي روزانه جي بنيادن تي جائزو ورتو وڃي.پنهنجي هڪ گڏيل بيان ۾ انهن چيو ته پنجاب ۾ برساتن ۽ سيلاب جي ڪري ٿيندڙ جاني و مالي نقصانن پنجاب حڪومت جي مايوس ڪندڙ ڪارڪردگي کي عوام جي سامهون بي نقاب ڪري چڏيو آهي. انهن چيو ته اطلاعن جي مطابق درياء سنڌ ۾ پاڻي جي سطح بلند ٿي رهي آهي ۽ سنڌ جي حدن ۾ تقريبن ستن کان اٺ لک پاڻي ايندڙ ڏينهن ۾ داخل ٿيندو.انهن چيو ته سنڌ حڪومت ۽ انتظاميه کي سنڌ ۾ ايندڙ سيلاب کي هڪ چيلنج جي طور تي وٺڻ گهرجي.انهن سنڌ حڪومت کي مخلصانه مشورو ڏنو ته اها سنڌ ۾ برساتن ۽ سيلابي وهڪرن سان ٿيندڙ تباهين کي روڪڻ جي لاءِ رين ايمرجنسي کي صرف اعلان جي حد تائين محدود نه رکي بلڪه هر سطح تي عملي قدمَ به کنيا وڃن.
*****

7/18/2024 1:27:56 AM