دروغه والا لاهور ۾ مسجد جو مينار ڪرڻ جي دردناڪ حادثي ۾ نمازين جي شهيد ۽ زخمي ٿيڻ جي واقعي تي جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
لنڊن؛ 9 سيپٽمبر؛2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين دروغه والا لاهور ۾ نماز جي دوران مسجد جو مينار ڪرڻ جي نتيجي ۾ نمازين جي شهيد ۽ زخمي ٿيڻ جي واقعي تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين شهيد ٿيندڙ تمام نمازين جي سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي انهن کي صبر جي تلقين ڪئي ۽ دعا ڪئي ته الله تعالٰي شهيد ٿيندڙن کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ زخمين کي جلد و مڪمل صحتيابي عطا فرمائي.انهن وڌيڪ فرمايو ته منهنجي دعا آهي ته جيڪي ماڻهو اڃان مٽي جي ڍير هيٺان پوريل آهن الله تعالٰي انهن کي حفاظت سان ٻاهر ڪڍي.آمين.