Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پاڪستان نيوي جي جهاز تي هٿياربند دهشت گردن جي طرفان حملي تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان مذمت جو اظهار.


 Posted on: 9/9/2014 1
پاڪستان نيوي جي جهاز تي هٿياربند دهشت گردن جي طرفان حملي تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان مذمت جو اظهار.
پاڪ فوج جا سربراھَ خدا جي واسطي ان ڳالھ کي نه وسارين ته جي ايڇ ڪيو، ڪامره ايئربيس ۽ نيول بيس مهراڻ تي حملو ڪرڻ وارن دهشت گردن کي اندريان مدد حاصل هئي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 9 سيپٽمبر؛2014
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ڪراچي جي ويجهو سمنڊ ۾ لنگر انداز پاڪستان نيوي جي جهاز تي هٿيار بند دهشت گردن جي حملي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ دهشت گردن جي حملي ۾ نيوي جي آفيسر جي شهادت تي دلي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن فرمايو ته نيوي جي جن آفيسرن ۽ جوانن حملي ڪندڙ دهشت گردن جو جهڙي طريقي سان جرتمندي سان مقابلو ڪيو، ان تي مان انهن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. انهن پاڪ فوج جي ٽنهي سربراهن کي مخاطب ڪندي فرمايو ته خدا جي واسطي ان ڳالھ کي نه وساريو ته جي ايڇ ڪيو، فضائيه جي ڪامراھ ايئربيس ۽ ڪراچي ۾ نيول بيس مهراڻ تي حملي ڪرڻ وارن دهشت گردن کي اندران مدد حاصل هئي.ان اندروني طور جي مدد کان سواءِ دهشت گرد حملو نه پيا ڪري سگهن.جناب الطاف حسين فرمايو ته هڪ مڇي پوري تلاھ کي گندو ڪري سگهي ٿي ته اهڙيون چند گنديون مڇيون تمام ادارن جي تباهي جو سبب به بڻجي سگهن ٿيون.ان جي ڪري پاڪ فوج جا سربراھ اهڙن ماڻهن سان نڀرڻ جي لاءِ زيرو ٽو ليرنس تي ٻڌل پاليسي بڻائي هر اداري ۾ اندريان صفائي جو پروگرام بڻائين، ڀلي ان ۾ ڪيتري وڏي کان وڏي قرباني به ڏيڻي ڇو نه پوي.

7/18/2024 1:35:21 AM