Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

احتجاجي ڌرڻا ڏيڻ واريون جماعتون سيلاب سان متاثر ٿيندڙ ماڻهن جي مشڪلاتن کي ڏسندي پنهنجن احتجاجي ڌرڻڻ کي موخر ڪري چڏين. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


 Posted on: 9/8/2014 1
احتجاجي ڌرڻا ڏيڻ واريون جماعتون سيلاب سان متاثر ٿيندڙ ماڻهن جي مشڪلاتن کي ڏسندي پنهنجن احتجاجي ڌرڻڻ کي موخر ڪري چڏين. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
جيڪڏهن مان احتجاجي تحريڪ هلائي رهيو هجان ها ته ملڪ ۾ سيلاب جي ڳڻتي واري ۽ دل ڏکوئيندڙ صورتحال کي ڏسي ڪري پنهنجو احتجاج فوري طور تي ختم ڪري ۽ پنهنجن ساٿين جون ٽيمون تشڪيل ڏيئي ڪري سيلاب متاثره علائقن ۾ موڪليان ها.جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 8 سيپٽمبر؛2014
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پنهنجي هڪ بيان ۾ احتجاجي ڌرڻا ڏيڻ وارين جماعتن کي هڪ ڀيرو ٻيهر دردمندانه اپيل ڪئي آهي ته اهي ملڪ جي موجوده صورتحال ۽ سيلاب سان متاثر ٿيندڙ ماڻهن جي مشڪلاتن کي ڏسي ڪري پنهنجن احتجاجي ڌرڻڻ کي موخر ڪري چڏين .جناب الطاف حسين فرمايو ته جيڪڏهن مان ڌرڻا ڏيڻ وارن جي صف ۾ شامل هجان ها ۽ احتجاجي تحريڪ هلائي رهيو هجان ها ته خدا جو قسم ملڪ ۾ سيلاب جي ڳڻتي واري ۽ دل ڏکوئيندڙ صورتحال کي ڏسي ڪري پنهنجو احتجاج فوري طور تي ختم ڪري پنهنجن ساٿين جون ٽيمون تشڪيل ڏيئي سيلاب متاثره علائقن ۾ موڪليان ها.انهن فرمايو ته متاثره علائقن ۾ جڳھ جڳھ تي ڪچري جي ڍيرن مان ڌپ اٿي رهي آهي، بيماريون ڦيلجي رهيون آهن ۽ متاثره ماڻهو بک مري رهيا آهن.انهن فرمايو ته ملڪ جي موجوده صورتحال ۾ پنهنجن مطالبن جي لاءِ ڳائڻ وڄائڻ ۽ تفريحي پروگرامن وانگر احتجاج ڪرڻ منهنجي ضمير جي بلڪل خلاف آهي. انهن فرمايو ته مان ڌرڻا ڏيڻ وارين جماعتن کي ٻيهر چوان ٿو ته خدا جي واسطي سيلاب متاثرن جي ڀينرن ۽ نياڻين کي ڏسو جيڪي بي سهارا ٿي ويون آهن، اهي باعزت سهاري جي ڳولا ۾ ٺوڪرون کائينديون پيون وتن، معصوم ٻار بک ۾ تڙپي رهيا آهن، اهي ٻار وات سان نه ٿا چئي سگهن پر روئي روئي پنهنجي بک جو احساس ته ڏياري رهيا آهن، اهڙي طرح مرد،عورت، ڪراڙا ۽ جوان به سيلاب ۾ بري طرح ڦاٿل آهن.انهن فرمايو ته مان هڪ ڀيرو ٻيهر اسلام، انسانيت، شرافت ۽ تهذيب جي تقاضن جي مطابق ڌرڻا ڏيڻ وارين جماعتن کي دردمندانه اپيل ڪريان ٿو ته اهي ملڪ جي موجوده نازڪ صورتحال کي سامهون رکندي پنهنجا  ڌرڻا موخر ڪري چڏين ۽ حالتون بهتر ٿيڻ کان پوءِ اهي پنهنجن  ڌرڻن جو ٻيهر آغاز ڪن.جناب الطاف حسين دعا فرمائي ته الله تعالٰي اسان سڀني کي سيلاب متاثره خاندانن جي سار سنڀال ۽ مدد ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.آمين.

7/18/2024 1:24:00 AM