Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سينيٽر رحمٰن ملڪ جو قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان ٽيليفون تي رابطو.


 Posted on: 9/8/2014 1
سينيٽر رحمٰن ملڪ جو قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان ٽيليفون تي رابطو.
اسيمبلين جي حق پرست ميمبرن جون اسٽعيفائون واپس وٺڻ جو فيصلو تمام سٺي ڳالھ آهي.رحمٰن ملڪ.
حڪومت ۽ اپوزيشن دانشمندي جو مظاهرو ڪن ۽ سياسي معاملن کي افهام و تفهيم سان حل ڪن.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 8 سيپٽمبر؛2014
           پاڪستان پيپلز پارٽي جي رهنما سينيٽر رحمٰن ملڪ لنڊن فون ڪري قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان ڳالھ ٻولھ ڪئي. ڳالھ ٻولھ ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال ، طوفاني برساتن ۽ سيلابي وهڪرن جي تباهين ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٽ به ڪئي.رحمٰن ملڪ اسيمبلين جي حق پرست ميمبرن جو اسٽعيفائون واپس وٺڻ جي فيصلي تي جناب الطاف حسين جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته اهو فيصلو سٺو سنوڻ آهي.جيڪڏهن ايم ڪيو ايم جي طرفان اهو فيصلو نه ڪيو وڃي ها ته ملڪ ۾ سياسي بحران وڌيڪ وڌي سگهي پيو.انهن سياسي بحران جي خاتمي جي لاءِ جناب الطاف حسين جي ڪاوشن کي ساراهيو ۽ احتجاجي ڌرڻا ڏيڻ وارين جماعتن سان ڳالھ ٻولھ جي جاري عمل ۾ ايم ڪيو ايم جي نمائندن کي به شرڪت جي باضابطه دعوت ڏني.جناب الطاف حسين رحمٰن ملڪ سان ڳالھ ٻولھ ڪندي فرمايو ته منهنجي پهرين ئي ڏينهن کان  اها ڪوشش رهي آهي ته سياسي معاملا افهام و تفهيم ۽ ڳالھ ٻولھ جي ذريعي حل ڪيا وڃن.هن وقت پاڪ فوج اتر وزيرستان ۾ تاريخ جي مشڪل ترين جنگ ۾ مصروف آهي. سرحدن تي ڇڪٿاڻ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، پنجاب ۾ طوفاني برساتن ۽ سيلابي وهڪرن جي ڪري سخت جاني و مالي نقصان ٿي چڪو آهي.ان جي ڪري ملڪ کي اندرين ۽ ٻاهرين چيلنجن کي سامهون رکندي وقت جو تقاضا آهي ته حڪومت ۽ اپوزيشن جماعتون دانشمندي جو مظاهرو ڪن ۽ سياسي معاملن کي افهام و تفهيم سان حل ڪن. جناب الطاف حسين سنڌ حڪومت کي اپيل ڪئي ته سنڌ ۾ ممڪنه طور تي ٿيندڙ طوفاني برساتن ۽ سيلابي وهڪرن کان نڀرڻ جي لاءِ ۽ قيمتي انساني جانين کي بچائڻ جي لاءِ هنگامي بنيادن تي قدمَ کنيا وڃن.

7/18/2024 1:35:03 AM