اردو جي ممتاز شاعر ۽ دانشور سرشار صديقي جي وفات تي قائد تحريڪ جناب جي طرفان تعزيت جو اظهار.
لنڊن؛ 8 سيپٽمبر؛2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين اردو جي ممتاز شاعر ۽ دانشور سرشار صديقي جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته مرحومَ ڪيترائي ڪتاب لکيا ۽ مرحوم جي ادبي خدمتن کي نه صرف پاڪستان بلڪه دنيا جي مخلتف ملڪن ۾ به ساراهيو ويندو هو ۽ انهن جي خدمتن جي صلي ۾ انهن کي ڪيترن ئي ايوارڊن سان به نوازيو ويو هو .جناب الطاف حسين مرحوم جي خدمتن تي انهن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ مرحوم جي تمام سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ مون سميت ايم ڪيو ايم جا تمام ڪارڪن اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن.جناب الطاف حسين دعا فرمائي ته الله تعالٰي مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي صبر جميل عطا فرمائي.آمين.